سکر

غلام مصطفيٰ کر جي سبب مسلم ليگ فنڪشنل پنجاب ۾ وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ٿيندي، امتياز شيخ

imtiaz shaikhسکر(بيورورپورٽ) مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي سيڪريٽري جنرل ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار امتياز شيخ مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سيد اجمل حسين شاهه موسوي ۽ صلعي اڳواڻ سيد غضنفر شاهه موسوي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل ۾ غلام مصطفيٰ کر شموليت ڪري درست فيصلو ڪيو آهي ۽ غلام مصطفيٰ کر جي شموليت سبب مسلم ليگ فنڪشنل پنجاب ۾ وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ٿيندي ۽ اسين کيس فنڪشنل ليگ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل متحد ٿي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺند ۽ سنڌ جي هر تڪ تي اميدوار بيهاريا ويندا. هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل عوامي پارٽي آهي. جيڪا هن ملڪ جي غريب عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ هميشه هن ملڪ جي غريبن ، هارين ، مزدورن جي آواز کي ايوانن ۾ بلند ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ جلد عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ پير صدرالدين شاهه راشدي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪري جلسن جلوسن کي خطاب ڪندو ان دوران سنڌن جون ڪيتريون اهم شخصيتون مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون. هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل وٽ عوام جي ڀلائي جو پروگرام آهي ۽ اسين انشائ ا Ë ملڪ ۾ خوشحالي آڻينداسون ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍي هڪ خوشحال ملڪ بڻائي ترقي پذير ملڪن جي فهرست ۾ بيهارينداسون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button