سکر

سکر ۽ ٻين شھرن ۾ مڪمل ھڙتال رھي، ڦيٿو نه ڦريو

Sukkur Strikeسکر(بيورورپورٽ)ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريلي تي دهشتگردن پاران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 1 ماڻهو جي شهيد ٿيڻ۽ جسمم جي مرڪزي اڳواڻ مظفر ڀٽو جي رياستي قتل خلاف ڏنل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال واري سڏ سبب سنڌ جي ٻين شهرن جيان سنڌ جي اترين شهرن ۾ به مڪمل شتر بند هڙتال رهي ۽ ٽريفڪ معمول کان انتهائي گهٽ هلندي رهي.پيرڳوٺ بس اسٽينڊ وٽ مڇريلن هڪ بس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز بند رهيا ۽ شهر جا پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند رهڻ ڪري گاڏي مالڪن کي سخت مشڪلات جو منهن ڏسڻو پيو ، گاڏيون بند هجڻ ڪري شهرين کي سخت پريشاني، سنڌياڻِي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ۽ جسمم جي ڪارڪنن سعيد سرهندي روڊ تي جدا جدا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا قومپرست پارٽين پاران ڪراچي واقعي تي سخت احتجاجي مظاهرا ۽ پوليس پاران ڪجهه گرفتارين جا اطلاع، شهر ۾ پوليس ۽ رينجرز جو شهر اندر گشت جاري، خبر موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ پاران محبت سنڌ ريلي تي دهشتگردن پاران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 1 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران ڏنل شتر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال واري سڏ سبب سنڌ جي ٻين شهرن جيان اندرون سنڌ جي شهرن سکر، پنوعاقل، روهڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اٻاوڙو، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ، سيٺارجه، هنگورجه، پريالو، ڳاڙهي موري، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌ ڪوٽ سميت ٻين شهرن ۾ مڪمل شتر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي ۽ روڊن تي ٽريفڪ معمول کان انتهائي گهٽ هلندي رهي جنهن جي ڪري عوام کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز بند رهيا. سکر جي شاهي بازار، صرافه بازار، شهيد گنج، اسٽيشن روڊ، نئون ڳوٺ، پراڻو سکر، مارچ بازار، سميت ٻين علائقن ۾ مڪمل طور تي ڪاروبار بند رهيو ۽ شهر جا پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند رهڻ ڪري گاڏي مالڪن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن ته شهر اندر ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي گشت ۾ اضافو ڪيو ويو هو ۽ ڪجهه شهرن ۾ قومپرستن پاران ڪراچي ۾ پيش آيل واقعي جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ مظاهرا ڪيا . جنهن تي پوليس پاران ڪجهه ماڻهن جي گرفتار ٿيڻ جون اطلاعات مليون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button