سکر

سکر شھر ۾ به نيشنل بينڪ ۾ ڌماڪا، ڊگھا کڏا پئجي ويا

NBPسکر(بيورورپورٽ) سڄي سنڌ ۾ ڌماڪن جي سلسلي ۾ سکر شهر به محفوظ نه رهيو، سکر جي نيشنل بينڪ ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو، خبر موجب صبح جو سوير سڄي سنڌ ۾ جاري ڪريڪر ڌماڪن ۾ سکر به محفوظ نه رهي سگهيو، نامعلوم ماڻهن پاران نيشنل بينڪ سکر جي مين برانچ جي گيٽ نمبر 2 جي ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري زمين ۾ پيل واريءَ ۾ ٻه فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ڊگهو کڏو پئجي ويو، جڏهن ته ڪوئي به جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو، ڌماڪي جي آواز ايتري شديد هئي جو گهرن ۾ سمهيل ماڻهو به آيت الڪرسيءَ جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، واقعي جي اطلاع ملندي ئي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ هنن علائقن کي گهيري ۾ آڻي نيشنل بينڪ ويجهو واقع اسٽيٽ بينڪ جي به تلاشي ورتي پر ڪا به شيءِ برآمد ٿي نه سگهي، بم دسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪريڪر 6 گرام وزني هيو، جيڪو اڪثر شادين جي تقريبات ۾ به استعمال ڪيو ويندو، ڌماڪي جي ڪري شهر ۾ خوف ۽ حراس جي فزا پيدا ٿي وئي، جڏهن ته سکر پوليس پاران شهر جي داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ رستن جي ناڪابندي ڪري سخت چيڪنگ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي ۽ پوليس جي گشت ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button