سچ تھ ھي آھي
ليکڪ: ميمونا جلال
حڪومت تي تنقيد ڪرڻ سڀ کان آسان ڪم آھي، مسئلن ۽ مصيبتن جو منھن ڪرڻ سڀ کان مشڪل ھوندو آھي، خاص ڪري اھڙي سياسي حڪومت جنھن کي دھشتگردي سان متاثر ٿيل پاڪستان ۾ حڪومت سنڀالڻي پوي. ھن وقت تمام حلقا ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن، مشڪلات ۽ چئلينجن کان چٽي ريت واقف آھن، ان سان لاڳاپيل ملڪي سلامتي کي درپيش چئلينجن کان بھ سياسي پارٽيون واقف آھن، پر حڪومت تي تنقيد ڪرڻ فيشن نھ پر (ن) ليگ جھڙي آپوزيشن پارٽين جي سياسي مجبوري ھوندي آھي. 8..2ع جي عام چونڊن کان پوءِجڏھن مخلوط حڪومت وجود ۾ آئي ھئي تھ ان وقت (ن) ليگ بھ حڪومت ۾ شامل ھئي، مسلم ليگ جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي تمام جلد انھن مسئلن جي سُڌ پئجي وئي، جيڪي ملڪي معيشت کي درپيش ھئا، انھن مسئلن جو منھن ڪرڻ ۽ حل ڪرڻ جي بدران (ن) ليگ سياسي راند کيڏي ۽ حڪومت کان علحدگي اختيار ڪري ورتي تھ جيئن معيشت کي درپيش مسئلن جي ڪري حڪومت تي تنقيد ڪري سگھجي ۽ عوام جي سامھون حڪومت جي نااھلي جو دھل وڄائي پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي راھھ ھموار ڪري سگھجي. 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِجڏھن حڪومت جڙي ھئي ان وقت اڳوڻي حڪومت ھنرمندي جو مظاھرو ڪندي 3 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جو گردشي قرض ڇڏي چڪي ھئي اھو گردشي قرض عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري بڻيو ھو. 2007ع ۾ جڏھن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي پيٽرول جي قيمت 510ڊالر في بيرل مان ٽپي وئي ھئي، ان وقت شوڪت عزيز نالي وزيراعظم عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيل ان واڌ کي صارفين تائين منتقل نھ ڪيو ھو ۽ سمورو بوج آئيندھھ ايندڙ حڪومت تي ڇڏي ڏنو ھو. پاڪستان اسٽيٽ آئيل کي درآمدگي تيل جون ادائيگيون نھ ڪيون ويون ھيون، ريفائنريز کي ملندڙ پيٽروليم مصنوعات جيتوڻيڪ اوڌر تي ھئي ان جي لاءِاھا مصنوعات پاور ڪمپنيز کي اوڌر تي ئي منتقل ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ اربين رپين جو گردشي قرض قائم ٿي ويو. مخلوط حڪومت جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار فوري طور تي اھا حقيقت ڄاڻي ورتي ۽ ان وڏي پٿر کي چُمي اُتي واپس رکي ڇڏيو، جتان کنيو ويو ھو. دھشتگردي جي خلاف جنگ جي ڪري پوري ملڪ ۾ خود ڪش حملا، بم ڌماڪا، دھشتگردي جون وارڌاتون ٿي رھيون ھيون، ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار ملڪ مان فرار ٿي رھيا ھئا، ھي اھو وقت ھيو جڏھن توانائي جي شعبي ۾ ڪو ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار سرمائيداري جي لاءِتيار نھ ھو، حڪومت وٽ واڌو وسيلا موجود نھ ھئا، جنھن جي ذريعي گردشي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي. مشڪل صورتحال ۾ مشڪل فيصلا ڪيا ويا، توانائي جي شعبي ۾ سرمائيداري جي لاءِپُرڪشش ترغيبات جو اعلان ڪيو ويو، ايل اين جي گھرائڻ جي لاءِملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن کي ترغيبات ڏني وئي، بي پناھھ ڪوششن ۽ سرمائيداري جي تحفظ جي حڪومتي ضمانت جي ڪري سرمائيدارن توانائي جي شعبي ۾ سرمائيداري جو عمل شروع ڪيو، پر سرمائيداري جا اھي سمورا منصوبا عدالتن ۾ چئلينج ٿي ويا، ايل اين جي گھرائڻ جو منصوبو نئين سري سان شروع ڪرڻو پيو. رينٽل پاور ۾ سرمائيداري ڪندڙ ڪمپنيون حڪومتي ضمانت گھرڻ لڳيون، توانائي جي شعبي جي گردشي قرض جي ڪري ملڪي ۽ بين الاقوامي بئنڪون بھ پاڪستان ۾ سرمائيداري جي لاءِقرض ڏيڻ ۾ ھڏڪيون کائن پيون، توانائي جي شعبي جا ڪافي منصوبا عدالتن ۾ چئلينج ٿي ويا، جنھن سبب سرمائيداري جي رھي سھي اميد بھ ختم ٿي وئي.
دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بين الاقوامي طاقتن جون شرطون تسليم ڪرڻ کان انڪار جي ڪري عالمي مالياتي ادارن جو رويو بھ تبديل ٿي ويو، آءِايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جھڙي ڊونرز بجيٽ سپورٽ جي لاءِمدد بند ڪري ڇڏي ۽ ترقياتي رٿائن جي لاءِفنڊز جي فراھمي بھ روڪي وئي، جنھن جا لازمي نتيجا معاشي بحران ۾ واڌ جي صورت ۾ نڪتا ۽ حڪومت کي رياست جو انتظام ھلائڻ جي لاءِملڪي بئنڪن مان قرض وٺڻ جو عمل شروع ڪرڻو پيو. اھا تمام آسان ڳالھھ ھئي تھ آمريڪا کان شھباز ايئربيس، جيڪب آباد ايئربيس ۽ شمسي ايئربيس خالي نھ ڪرايا وڃن ھا، نيٽو سپلاءِتي پابندي نھ لڳائي وڃي ھا، پاڪستان ماضي وانگر عالمي طاقتن جون شرطون تسليم ڪندو رھي ھا، اتر وزيرستان ۾ فوجي ڪاروائي شروع ڪئي وڃي ھا، پر ڪنھن چونڊيل سياسي حڪومت جي لاءِاھڙا فيصلا ڪرڻ آسان ناھن ھوندا، ھي* آمراڻا حڪومت نھ ھئي، عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيل حڪومت ھئي، ان جي لاءِنيٽو سپلاءِتي پابندي لڳائي وئي، ڊرون حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، شمسي ايئربيس خالي ڪرايو ويو، دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نئين شرطن جي تعين جو مطالبو ڪيو وڃڻ لڳو، ڇوتھ اھو ئي ملڪي مفاد ۾ ھو، آمريڪا ۽ نيٽو فوج سان معلومات جي ڏي وٺ جون ڳالھيون ڪيون وڃڻ لڳيون ۽ ان جو نتيجو آمريڪا ۽ بين الاقوامي طاقتن جي ناراضگي جي صورت ۾ نڪتو. پارليامينٽ جي گڏيل قراردادن جي روشني ۾ سمورا فيصلا ڪيا پيا وڃن، پاڪستان نيٽو ۾ شامل دنيا جي 84 طاقتور ملڪن سان نٿو وڙھي سگھي، افغانستان کي اسٽريٽجڪ گھرائي چوندڙ ڏاھا چئن سالن کان ھڪ ئي نغمو ٻڌائي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن صرف ھڪ مھيني جي لاءِنيٽو سپلاءِمعطل ڪئي وڃي، آمريڪا ساھھ ٻوساٽي افغانستان مان ڀڄي ويندو. ھن وقت نيٽو سپلاءِجي بندش کي 6 مھينا ٿي چڪا آھن، آمريڪا تھ ڇا ڪنھن عالمي طاقت جي ڪن تي جوُن ئي ناھي چُري، پر اھي ڏاھا جيڪي پنھنجي کوھھ کي سمنڊ سمجھي رھيا آھن ۽ ترانا ٻڌائي رھيا آھن، اھڙا ترانا ڪڏھن عراقي صدر صدام حسين، لبيا جو ڪرنل قذافي ۽ افغانستان ۾ طالبان بھ ٻڌائيندا ھئا ۽ پنھنجي ملڪن کي تباھھ ڪرائي ڇڏيو ھو، صورتحال اجتماعي قومي فيصلن جي متقاضي آھي، جيڪي ڏاھا پنھنجي پيرن کي ھاٿي جو پير سمجھن ٿا انھن جي ڳالھين تي ڪن ڏيڻ جي ضرورت نھ آھي. سياسي پارٽيون جھڙي طرح پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِسان فيصلا ڪري رھيون آھن، اھڙي طرح سمورن ادارن، سياسي پارٽين کي قوم جي گڏيل ڏاھپ جي مدد سان فيصلا ڪرڻا پوندا، ان ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آھي…