سکر

سول اسپتال سکر ۾ غلط انجيڪشن سبب مريض فوت

Wrong injection1سکر(بيورورپورٽ)سکر سول اسپتال جاڊاڪٽر۽ عملوڪاسائين کي ماري ويو،غلط سئي هڻڻ تي هڪ مريض فوت هڪ سڙيل نينگر علاج کانسواءِ اسپتال مان بي دخل ،نازڪ حالت ۾ نجي اسپتال پهچايو ويو ،وارثن جو احتجاج ،اعليٰ اختيارين ۽ ڪورٽن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر،سول اسپتال بجاءِ ڊاڪٽر نجي اسپتالن ۾ آپريشن ڪرائڻ لڳا. خبر موجب سکر ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي انتظام هيٺ هلندڙ اترسنڌ جي وڏي سکر سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر توڙي گهڻي ڀاگي عملو به ڪاسائين جا به ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ بنا سفارش جي مريضن جي ڪا به سار سنڀال نه پئي ڪئي وڃي ڪالهه اسپتال ۾ سکر نئون پنڊ جي رهواسي پوليس ڪانسٽيبل منظور حسين چانهه کڻي وڃي رهيو هو ته سندس 13 مهينن جي ٻارڙي فيصل جو هث اچڻ تي ان مٿان چانهه هارجي پئي جنهن ڪري هو مرڻينگ ٿي پيو جڏهن کيس سکر سول اسپتال ۾ آندو ويو ته ڊاڪٽر ۽ عملي متاثرن کي برن وارڊ جو ڪونهي جو جواب ڏئي کين نجي اسپتال وڃڻ جو جواب ڏئي ڇڏيو جنهن جو 40 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي ۽ نازڪ حالت ۾ نجي اسپتال پهچايو ويو ساڳي ريت اسپتال ۾ داخل ٻٻرلوءِ جو رهواسي الله وريو انجيڪشن لڳڻ بعد فوت ٿي ويو جنهن جي وارثن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته غلط انجيڪشن جي ڪري سندن همراه فوت ٿيو آهي اعليٰ سطحي جانچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن اطلاع مليا آهن ته سکر سول اسپتال مان ڳريون پگهارون کڻندڙ ڊاڪٽر خاص طور آپريشنون ڪندڙ سرجن اسپتال ۾ ايندڙ مريضن سان خراب ورتاءُ ٿا ڪن ۽ بعد ۾ ساڳيا ڊاڪٽر نجي اسپتال جو مشورو ڏئي انهن جو آپريشنون ڪري مال ميڙي رهيا آهن ان حوالي سان اعليٰ اختيارين ۽ ڪورٽن کي نجي اسپتالن ۾ ٿيل آريشنن جو ريڪارڊ گهرائي ملوث سرجنن ۽ ڊاڪٽرن خلا سخت قدم کنيا وڃن ۽ غريب ماڻهن کي مفت علاج جي سهولت کي يقيني بڻايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button