سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون
سکر(بيورورپورٽ )سکر ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي هڪ اسپتال، ۽ ڪارخانن سوڌو ڪيترن ئي گهرن جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن ڪالهه سي آر ڊي چيف سکر ضمير حسين وساڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم محمد بن قاسم پارڪ ويجهو هڪ نجي اسپتال ۾ گهريلو گئس ڪنيڪشن مان اسپتال جو هيوي جرنيٽر هلندي پڪڙي ورتو جيڪو ڪمرشل طور غير قانوني استعمال ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته ٽيم لوڪل بورڊ تي پڻ هڪ بااثر شخص پاران گهر جي ڪنيڪشن مان 6 لائينون هلائڻ تي سندس ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو غريب آباد ما هڪ قلفي جي ڪارخاني ۾ گهريلو ڪنيڪشن جي استعمال ۽ سوسائٽي واري علائقي ۾ گئس چوري پڪڙي ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن ان ڏس ۾ ضمير حسين وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل 12 ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ گئس چوري ۽ گهريلو ڪنيڪشن مان ڪمرشل طور ڪنيڪشن هلائڻ خلاف مهم جاري رکندي ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن 42 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ساڳي ريت ٻين جا ميٽر ٽيسٽ ٿيڻ بعد وڌيڪ ايف آٰ آر داخل ڪرايون وينديون هن چيو ته بهتر نتيجا حاصل ٿيڻ تائين ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ويندو ٽيم ۾ بشير ڀارو،نصير احمد ڇڄڻ،غلام رسول عباسي،لالا سيف پٺاڻ،سيد حاجن شاهه موجود هئا ڪاروائي دوران سي بي اي اڳواڻ خالد سولنگي،ايوب شر،زاهد گولو،۽ ٻين ٽيم کي مبارڪون ڏنيون.ٽيم جو چوڻ هو ته ايم ڊي ايس ايس جي سي جي هدايت تي يو ايف جي کي روڪڻ لاءِ ٽارگيٽ مقرر ڪري ڪم شروع ڪيو آهي عوام جي سهڪار سان ڪاروايون جاري ڪبيون.