سکر

سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪيو وڃي

Sindhسکر(بيورورپورٽ ) سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪري الڳ الڳ ڪري ڇڏجي، پوسٽر لڳائڻ، مظاهرا ڪرڻ ۽ چاڪنگ ڪرڻ سان صوبا نه ٺهندا آهن، نئين صوبي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل جي منظوري کانسواءِ نئون صوبو نٿو ٺهي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ ۽ پ پ سکر جي صدر مشتاق سرهيو ، يوسي 6 طرفان سندن مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صوبي جي ورهاڱي جي خلاف سنڌ اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري سنڌ جي ورهاڱي خلاف پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري سنڌ جو ورهاڱو ممڪن نه آهي

سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪري الڳ الڳ ڪري ڇڏجي، پوسٽر لڳائڻ، مظاهرا ڪرڻ ۽ چاڪنگ ڪرڻ سان صوبا نه ٺهندا آهن، نئين صوبي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل جي منظوري کانسواءِ نئون صوبو نٿو ٺهي سگهي

۽ نه وري ڪڏهن ممڪن ٿيندو هنن چيو ته ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ کان وٺي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف جي دور تائين به سنڌ جي ورهاڱي جون سازشون ٿيون ۽ انهن سازشن کي عوام ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ هاڻي به عوام اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي
هن چيو ته نواز شريف جي سنڌ اچڻ ۽ سندن جلسن ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي، سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جو ڪو به چونڊيل ميمبر نه آهي، هن چيو ته نواز شريف اهو ٻڌائي ته هو ڪنفيڊريشن جو نعرو هڻڻ وارن کان ان نعري تان هٿ کڻائي ويو آهي؟

سنڌ جو عوام سندس دور اقتدار ۾ ملازمن کي برطرفيون، انتقامي ڪاررواين، ملڪ سنوارو قرض اتارو جي نالي تي اربين روپين جي ڪرپشن کي اڃان نه وساريو آهي ۽عوام اڄ به پيپلزپارٽي سان گڏ آهي جنهن جو ثبوت کيس ڪمون شهيد واري جلسي ۾ لکين ماڻهن جي شرڪات تي ملي وڃڻ گهرجي، ان موقعي تي حاجي جلال ناڙيوال، نصرت ميراڻي، انور ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button