سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي, اسين سجاڳ آھيون; وڏو وزير
وڏي وزير چيو ته سرائي محمد علي خاصخيلي پيارو ماڻهو هو ۽ هوُ پنهنجي ڪم ۾ ماهر هو ۽ هن صوبي جي ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه راڻيپور لڳ ڳوٺ سرائي پيارو خان خاصخيلي ۾ مرحوم سرائي محمد علي خاصخيلي جي وفات تي سندس سوٽ سرائي فيض حُسين سان تعزيت ڪئي. بعد ۾ ڳوٺ حاجي محمد لائق راڄپر ۾ عطا حُسين راڄپر سان سندس پيءُ مرحوم حاجي محمد لائق راڄپر جي وفات تي تعزيت ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير پريس ڪلب خيرپور جي صدر خان محمد خان سان عيادت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور جي دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان علي بلوچ ۽ پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.