سکر

سنڌ کي هر قيمت تي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين، سلطان شاھ

Sultan Shahسکر(بيورورپورٽ)همدرد اتحاد جي چيئرمين سيد سلطان شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ همدرد هائوس کان شڪارپور ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ سوين ڪارڪنن ۽ مرڪزي عهديدارن شموليت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ دشمن عناصرن خلاف ۽ ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي سنڌ محبت ريليءَ مٿان فائرنگ ڪندڙ دهشتگردن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري کي خطاب ڪندي همدرد اتحاد سنڌ جي چيئرمين سيد سلطان شاهه سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جي خلاف الڳ صوبي جي لاءِ سوچ رکندڙ عناصرن کي چيو ته سنڌ سنڌين جي ميراث آهي ۽ اسان ان کي هر قيمت تي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين. سنڌ جو ٻچو ٻچو قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ۽ عوامي تحريڪ جي سنڌ محبت امن ريليءَ مٿان فائرنگ ڪندڙ دهشتگردن کي جلد از جلد گرفتار ڪري بي نقاب ڪيو وڃي ۽ آخر ۾ همدرد اتحاد جا مرڪز عهديدار وائيس چيئرمين جاويد جتوئي، صدر نظير حسين ڀٽي، محمد نواز مهر، الهيان ميراڻي، امام ڏنو ميراڻي، راجه فياض شيخ پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button