ٽنڊو ڄامزراعت

سنڌ ٻين صوبن کان بهترين زرعي پيدوار ڏئي رهيو آهي، عبدالقادر مغل

Latif Farm Progrmٽنڊوڄام، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته سنڌ صوبو، ملڪ جي ٻين صوبن کان بهترين زرعي پيدوار ڏئي رهيو آهي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا زرعي ماهر عملي ڪم ۾ سڀ کان اڳ آهن، اها ڳالهه هن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي لطيف فارم ۾ ڪڻڪ جي بهترين في ايڪڙ پيداوار لهڻ تي ماهرن ۽ ملازمن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ تحفا ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته هڪ وقت هو جڏهن ادارن تي مختلف قسم جا الزام لڳندا هئا، تحقيق نه ٿيڻ يا پيدوار گهٽ لهڻ خلاف آڱريون کڄنديون هيون پر زرعي يونيورسٽي جي ماهرن رڪارڊ اپت کڻي اداري جي پيداواري صلاحيت جو مثال پيش ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان سنڌ صوبي جي ڪڻڪ ۽ ڪپهه سميت مختلف ٻجن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيون، ۽ ان سلسلي ۾ اسان جو منصوبو پنهنجو ڪم شروع ڪري چڪو آهي، ان موقعي تي ماهرن ڊاڪٽر گل محمد بلوچ، ڊاڪٽر مولا بخش ڪنڀر، منظور کهڙو، پروفيسر علي گوهر راڄپر، سيد جواد حسين شاهه ۽ محمد مٺل لنڊ به خطاب ڪيو. جڏهن ته وائيس چانسلر ملازمن ۾ تحفا به ورهايا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button