سنڌي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب سان پنوعاقل ۾ منعقد ڪئي
سکر(بيورورپورٽ) سنڌي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب شاندار نموني سان پنوعاقل ڇانوڻيءَ ۾ منعقد ڪئي ويئي. ان تقريب جو مهمان خاص 6 1 ڊويزن جو ڪمانڊو ميجر جنرل اصغر نواز هو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي جي او سي پاران ڪامياب تربيت حاصل ڪندڙن ريڪروٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن لاءِ حاصل ڪيل تربيت هڪ سنگ ميل حيثيت رکي ٿي. هنن نوجوانن سپاهين کي مشورو ڏنو ته اهي پاڪستان آرميءَ جي شاندار روايتن کي برقرار رکندا ۽ انهن تي زور ڏنو ته انهن تي جيڪا به ذميواري ڏني ويندي اهي ان کي خبرداري ۽ بهادريءَ سان سرانجام ڏيندا. هن ٽريننگ ۾ 6 9 3 مقامي سنڌ جي رهائش پذير ماڻهن کي ڀرتي ڪري پاڪستان آرميءَ جو حصو ٺاهيو. اهي ڀرتيون سالياني ريگيولر خالي جاين کان وڌيڪ آهن. گذريل سال سنڌ مان 3 هزار کان وڌيڪ ريڪروٽس پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪئي. هن پريڊ ۾ مقامي، سويلين، معززين، پاسنگ آئوٽ ريڪروٽس جي والدين ۽ انهن جي رشتيدارن ڊويزن جي آرمي آفيسرن ، جونئير ڪميشنڊ آفيسرن ۽ سپاهين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.