حڪومت کي گهرجي ته پارليماني سفارشن جي نتيجي ۾ جلد کان جلد نئين خارجه پاليسي بڻائي وڃي: خالد محمود سومرو
سکر(بيورورپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر خالد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا عبدالڪريم عابد، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، محمد اسلم غوري پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي متفقه قرارداد جي منظور کانپوءِ ان تي عمل درآمد ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت کي گهرجي ته پارليماني سفارشن جي نتيجي ۾ جلد کان جلد نئين خارجه پاليسي بڻائي وڃي ۽ پاڪستاني سر زمين تي ٿيندڙ ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ پاڪ فوج کي ڊرون جهاز ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، هنن چيو ته پارليمينٽ جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ آمريڪا ۽ نيٽو سان ڪو به زباني يا لکت ۾ معاهدو پارليمينٽ جي منظوري کان بغير نه ٿي سگهندو ۽ نيٽو سپلائي جي مشروط اجازت ڏني وئي ته غلط آهي،هنن چيو ته پارليامينٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو ڪردار آهي، جيڪو ان مظلوم ماڻهن جي قتل عام لاءِ نيٽو کي پاڪستاني رستي اسلحو کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني، حڪمران ڊالرن جي عيوض نيٽو سپلائي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان پهريون جي يو آءِ جا ڪارڪن مزاحمت ڪندا ۽ جي يو آءِ واحد پارٽي آهي جنهن پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر اسلام ۽ ملڪ جي دفاع جي جنگ وڙهي رهي آهي. هنن چيو ته هڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪ ڏينهون ڏينهن تباهي طرف وڃي رهيو آهي عوام جون نظرون اصل مسئلن کان هٽائڻ لاءِ حڪمران پاڻ ئي نوان مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام واحد پارٽي آهي جنهن جا ڪارڪن هڪ نظريي جي بنياد تي ڪم ڪري رهيا آهن، انشاءَالله ايندڙ وقت جذباتي نه پر نظرياتي پارٽين جو هوندو، هنن چيو ته انشاءَالله ايندڙ چونڊن ۾ عوام امريڪي پاليسين جي حمايت يافته پارٽين بدران جي يو آءِ جي ميمبرن کي منتخب ڪندو ۽ قوم ڏسندي ته هن ملڪ ۾ امن ۽ سڪون، خوشحالي ۽ قومي و ملي اخلاقيات جو اهڙو سيلاب ايندو جيڪو پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ ۾ اسلامي جمهوري حڪومت جو قيام عمل ۾ اچي سگهندو.