جھموريت بهترين انتقام،اصول،منزل ڪڏهن ٿيندي؟
ساغر علي ڀٽو
جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ٻاهرين غلامي،ٻاهرين ڍڪٽيشن وٺڻ بند ڪري ملڪي معاملا پنهنجي ملڪي ماڻهن جي صلاح،مشوري،عقل فراست ۽ دورنديشي سان حل ڪري هلايا وڃن.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ٻين ملڪن کان پنڻ ۽ قرض وٺڻ بند ڪري ڏاهپ،غيرت،مُڙسي سان پنهنجا ملڪي وسيلا ڪتب آڻي پنهنجي ملڪ کي خوشحال ۽ خودڪفيل بڻايون.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ملڪي ۽ غير ملڪي طاقتن جي سازشن جو خاتمو ڪيون جن پنهنجي ناجائز غير قانوني،ظلم ۽ ڦرلٽ تي ٻڌل بي انصافي واري نظام کي آڻڻ،ٻين تي مڙهڻ ۽ مقامي ملڪن ۽ طاقتن کي پنهنجي مڪاري واري ڄار ۾ ڦاسائي،بي بس ڪرڻ،تباه ڪرڻ ۽ ان عمل کي جاري ساري رکڻ لاءِ قومي اتحاد جهڙا ملڪ دشمن اتحاد ٺهرايا.اهڙي طرح ملڪ جي معيشت کي جڏو ۽ ڪمزور ڪيو ۽ ملڪ جي محسنن کي ڦاهي چاڙهايوويو.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ان جا سسٽم قانون اهڙا ته مربوط،ڪامل ۽ اثر وارا بڻايون جو وري ڪڏهن ذالفقار علي ڀٽي جهڙو اڳواڻ ڦاسيءَ تي نه چڙهي سگھي ۽ نه ڪنهن وزير اعظم کي ڪير گولي لڳائي ۽ قتل ڪري سگهي. ۽ نه وري ملڪ جي قائد کي گاڏي خراب ٿيڻ جي بهاني ڪئي ڪلاڪ دير ڪرائي کيس ڪيترو وقت سيريس (نازڪ) ٿيڻ جي حالت تائين نه پهنچائي سگھي،نه وري ملڪ جي مخلص ۽ محبوب اڳواڻن کي سرراهه روڊن تي بي درديءَ سان ماري سگھي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ڪو احمد رضا قصوري، اي ڪي بروهي، شريف الدين پيرزادو هن ملڪ ۾ ٻيهر نه بڻجي ۽ نه انوارالحق ۽ مولوي مشتاق جهڙو ڪو جج ٻيهر بڻجي،نه ڪو تارا مسيح جھڙو جلاد وري ٻيهر بڻجي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ڪو موقعا پرست آزاد عدليه کي پاسي تي اڇلائي ڇڏڻ لاءِ وري نه اچي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ڪو اڪبر خان بگٽي،نوروز خان ٻيهر نه ماريو وڃي،نه وري ڪو شيخ مجيب الرحمان ۽ برهمداغ بگٽي وري بڻايو وڃي ۽ نه وري ڪو ملڪ کي ٽوڙي بنگلاديش ٺاهيو وڃي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ڊاڪٽر عافيه صديقي وانگر قوم،ملڪ جي ڪنهن ٻي نياڻي ۽ غيرت کي ڌارين جي دهليز تي وري نه ڌڪي اُڇلايو وڃي ۽ نه ملڪ،قوم جي غيرت کي دنيا ۾ وري ٻيهر اهڙو تماشو بڻايو وڃي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ڪو ريمنڍ ڊيوس جھڙو ڌاريو اچي پنهنجي هم وطنن کي قتل ڪرڻ جي جُرعت ٻيهر نه ڪري سگھي ۽ نه وري ڌارين جا ڍورون جهاز اچي ڪئي سالن کان اهڙي طرح هم وطنن کي ٻيهر روز ماريندا وتن. ۽ نه اسان بي پرواهي،غير ذميواري،بي انصافي،بزدلائپ ۽ بي حيائي جي ننڊ وري سدائين سُتا رهون.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن فرياد ڪرڻ،انصاف وٺڻ لاءِ ماڻهن کي ڌرڻا نه هڻڻا پون ۽ نه وري رود بلاڪ ڪرڻا پون ۽ نه وري چونڪن تي روزانو ايترا ٽائر جلائڻا پون جو شهرن جا چونڪ،روڊ دونهي کان ڪاراٽِجي وَڃن پر انصاف ڳولهيو نه لڀي.
جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن هزارين عورتن کي هڪڙي ڏينهن جيتري گذر سفر جيتري پگھار وٺڻ لاءِ هر مهيني تتي ٿڌي ۾ ڪئي ڪلاڪن تائين روڍن تي،ٽريفڪ جي رش ۾ ڌڪا ڦاٻا نه کائڻا پون.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن اليڪشن جي وقتي فائدي وٺڻ کان وڌيڪ ملڪ ۽ وطن جي مستقل فائدي ۽ بقا جو خيال رکي ملڪ تي وڌيڪ نوان تجربا نه ڪيا وڃن.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن جيترو وڌيڪ حصو صوبو ڪمائي مرڪز کي ڏي،اوترو وڌيڪ حصو ان کي موٽ ۾ ملي ۽ حق انصاف جي ورهاست ڪئي وڃي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ملڪ جي صوبن جي مرضي، خوشي،رضا جو خيال ڪيو وڃي ۽ انهن جي حقن،ثقافت،ٻولي ۽ حدن جي حفاظت جو خيال ۽ احترام ڪيو وڃي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ترقياتي ڪمن جي ٺيڪن وغيره تي ڪميشنيون کائڻ بند ڪيون وڃن. ڇو جواصل رقم جو گھڻو حصو ڪرپشن ۽ ڪميشن ۾ هليو وڃي ٿو باقي تمام ٿورو حصو ڪم ۾ لڳايو وڃي ٿو ۽ ٺيڪيدار ۽ بيروڪريٽ هزار پتي مان ارب پتي،معمولي مان ڍنگ شاهوڪار ٿي وڃن ٿا،جنهن جي نتيجي ۾ ڪم به ناقص ۽ معيار کان ڪريل ٿئي ٿو.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن مفاهمت وڏيرن،جاگيردارن،اميرن سياستدانن،دولتمندن،مفادپرستن جي بجاءِ عوام سان ڪئي وڃي ۽ بجيٽ به انهن تي خرچ ڪئي وڃي، نه ِاليڪشن جي فائدي وٺڻ،پنهنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ يا پنهنجن اتحادين کي نوازڻ لاءِ خرچ ڪئي وڃي.اهڙيءَ طرح جيئن ملڪ جي عوام کي قرض ۾ جڪڙجڻ کان بچائي سگھجي.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن آمريڪي غلامي ۾ پنهنجي ملڪ جي اهڙي ستياناس نه ڪئي وڃي جو غلامي ۾ تباهي اسان جي ملڪ جي ٿي وڃي ۽ نوازشون وري ڀارت لاءِ مثلا سول ايٽمي ۽ تجارتي معاهدا وغيره،غلامي ۾ مفت جي خدمت ڪري ڪري يا ملڪ جي بجاٰءِ شخصي فائدا وٺي وٺي پوءِ اهڙو ٽائيم اچي جو آمريڪا اسان سان معاهدا ڪرڻ کان به جواب ڏي.اهو اسان کي معاهدن جي ٽيبل تي ويهڻ ۽ معاهدن ڪرڻ جي لائق ئي نه سمجھي،اسان جي عزت شان جو ويليو ئي نه رهي.هيءَ دنيا به عجيب آهي.ڪي مڙس مانجھي ٽيپو سلطان،جنرل بخت خان،سراج الدوله،دولهه درياخان،شاهه فيصل ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا هن دنيا ۾ ٿي گذريا آهن جن جي مڙسي جوانمردي،اصول پرستي،انصاف پسندي،قرباني،عوامي فلاح بهبود جون ڪوششون،عوام جي چاهت،ترقي چاهيندڙ ذهنن جي پيار جي گلستان مان مسلمان قوم ۽ پاڪستاني قوم جي بقاجي طاقت،هدايت ۽ رهنما اصولن واري روشني ڦُٽي نڪتي.اُنَ روشني مان لکين ڪروڙين قوم جي فردن کي رهنمائي،طاقت ۽ منزل حاصل ٿيڻ جو موقعو مليو،ڪي وري حڪمران غلام محمد،يحيا خان،ضياءُالحق،پرويز مشرف جهڙا به ٿي گذريا آهن جن کي ملڪي خدمت جو زبردست موقعو ملڻ جي باوجود ناڪام رهيا،۽ بجاءِ جو اُهي وينزويلا جي هوگوشاويز وانگر ملڪ لاءِ وڏا فائدي مند ثابت ٿين.پر اُٽلندو.سندن ناقص پاليسن جي ڪري ملڪ ۾ ڪيتريون تباهيون،مصيبتون ۽ برايون مستقبل طور تي اچي ويون۽ انهن جو بنياد پئجي پڪو ٿي ويو.بهترين ايماندار ۽ جفاڪش ادارن جي خدمتن کي انهن ضايع ڪري ڇڏيو.اُنهن مان ملڪ کي فائدو نه ڏئي سگھيا.انهن حڪمرانن جي.دور جي عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن پاليسين،لکين ماڻهن جي دلين مان پيار کي نيڪالي ڏئي نفرتن جو ٻج پوکي ڇڏيو.سندن دور ڪوڙ،بداصولي،ملڪ دشمني،ڪلاشنڪوف،منشيات ٻاهرين ظاهر ۽ خفيه مداخلت جون راهون کولڻ ،قتل،خون ريزي،خودڪش حملا،دهشت گردي،ڌاڙيل ڪلچر،بد اَمني ڪرپشن،مقامي جھيڙا،قبائلي جهيڙا،بين الصوبائي خليج،صوبائي شورس،صوبن جي عوام ۾ محرومين جي ڪري بي چيني وغيره جهڙين براين ۽ خرابين سان ملڪ کي ڀري ۽ ڏٽي ڇڏيو.هزارين ماڻهن جي مرڻ جي باوجود،پاڪستاني قوم انهن حڪمرانن جي ڏنل تباهي ۽ بربادي مان نه نڪري سگھي آهي.ويتر جھموري حڪومت جي پاليسن ۾ انقلابي تبديلين جي کوٽ هئڻ ڪري ۽ سندس پاليسين ۾ اڳين حڪومت کان گھڻو فرق نه هئڻ جي ڪري ملڪ جو عوام عذاب ۾ گذاري رهيو آهي.
هتي عوام جي نه پراقتدار جي ڳڻتي آهي.ڪيترن ماڻهن جي زندگي بي مقصد گذري وڃي ٿي.اهي ماڻهون مُئل آهن يا جيئرا هجن،ڪو فرق نه ٿو پوي،جهڙا مُئل تهڙا جيئرا،پُڇبو ته مئل آهيو ته چوندا مئل آهيون،پُچبو ته جيئرا آهيو ته چوندا جيئرا آهيون.اهڙن ماڻهن لاءِ ملڪ ٻڏي ته ڇا نه ٻڏي ته ڇا.ڪيترا اهڙا ماڻهون به هن دنيا مان گذاري ويا جيڪي قوم جي تقدير جون واڳون هٿ ۾ هوندي به قوم کي فائدو ڏئي وڃڻ جي بجاءِ قوم کي گھري کائيءَ ۾ اُڇلي ويا،جن جي لاءِ هُنَ جهان ۾ جزا سزا جو خوفناڪ عمل انهن جي انتظار ۾ آهي.هِنَ دنيا ۾ انهن جي لاءِ ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ نفرت،سندن لَبن تي ڦٽڪار آهي.اهي ڪنهن به تعريف،همدرديءَ جي لائق نه رهيا آهن.ان کان علاوه تاريخ هر وقت ۽ هر زماني ۾ سندن ٽرائل ڪندي رهندي.ماڻهون هونءَ به مري وڃن ٿا،ڪي جھيڙن تڪرارن ۾ته ڪي بيمارن ۾،ڪي ڏکن،صدمن ۾ ته ڪي حادثن،آفتن ۾.مري وڃن ٿا.ڪيترا ماڻهون ائين بي مقصد زندء رهن ٿا.ڪيترا ماڻهون زندء رهن ٿا مفاد پرستي جا پهاڙ ٺاهڻ لاءِ ته ڪيترا ماڻهون زندء رهن ٿا مال متاءُ ٺاهڻ ۽ گڏ ڪرڻ لاءِ.ڪيترا ماڻهون زندء رهن ٿا هيراڦيريون ۽ چالاڪيون ڪرڻ لاءِ.ڪيترا ماڻهون کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت لاءِ زندء رهن ٿا.هن زماني ۾ ڪن ماڻهن جو سوچڻ به دولت اقتدارلاءِ،جيئڻ به دولت اقتدارلاءِ،سياست به دولت اقتدارلاءِ،سڃاڻپ به دولت اقتدارلاءِ،زندگي به دولت اقتدارلاءِ،پيار به دولت اقتدارلاءِ،ته منزل به دولت اقتدارلاءِ.پر دولت اقتدار بيوفا چيز آهن.دولت اقتدار جي پوڄارين کي ڪڏهن ته،وقت سان دولت،اقتدار اکين تي رکي عزت شان جي مسند تي ويهاري ٿو ته ڪڏهن مسند تان ڪيرائي،رستي جو پٿر سمجھي ڪري ٺوڪر هڻي هليو وڃي ٿو اهي دنيا جون عارضي ۽ فنا ٿيندڙ شيون آهن.هن دنيا ۾ ڪيترا اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي اقتدار مال دولت ملڪيت لاءِ زندء نه ٿا رهن،پر اهي زندء رهن ٿا ته پيار جي لاءِ،اصولن جي پيار لاءِ،اُنهن انسانن جي لاءِ پيار ۾ جيئڻ ۽ پيار ۾ مرڻ مزو،لطف،عزت ۽ اصل زندگي آهي.اهڙي طرح انهن کي لافاني پيار ۽ لافاني زندگي نصيب ٿئي ٿي.پوءِ اهو پيار الله سائين ۽ ان جي پيارن بندي حضرت بايزيد بسطامي رح جي وچ ۾ ڇو نه هجي.،پوءِ اهو پيار سسئي ۽ پنهون جي وچ ۾ ڇونه هجي،پوءِ اهو پيار شاهجهان مغل بادشاه ۽ ممتاز محل جي وچ ۾ ڇو نه هجي،پوءِ اهو پيار دولهه دريا خان،هوش محمد شيدي ۽ سنڌ جي وچ ۾ ڇو نه هجي،پوءِ اهو پيار ،ٽيپو سلطان،سراج الدوله،شاهه عنايت شهيد ۽ سندن پياري وطن جي وچ ۾ ڇو نه هجي،پوءِ اهو پيار بادشاهه محمود غزنوي ۽ غلام اياز جي وچ ۾ ڇونه هجي،پوءِ اهو پيار سرسيد احمد خان،محمد علي جوهر،مولانا عبدالله سنڌي،سيد احمد شهيد رحه،سيد اسمائيل شهيد رحه،قائداعظم محمد علي جناح،عبدالرب نشتر،لياقت علي خان ۽ بر صغير جي مسلمانن جي وچ ۾ ڇونه هجي،
پوءِ اهو پيار ميجر عزيز ڀٽي شهيد،پائلٽ راشد منهاس شهيد،ڊاڪٽر باقر شاهه شهيد ۽ فرض جي وچ ۾ ڇو نه هجي،پوءِ اهو پيار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي،سندس شهيد ٻچن ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ ڇونه هجي.پوءِ اهو پيار بادشاهه ايڍورڍ اٺون ۽ ليڊي سِمپِسَنِ جي وچ ۾ ڇونه هجي،پوءِ اهو پيار،چيف جسٽس افتخار محمد چودهري ۽ انصاف جي وچ ۾ ڇونه هجي،پوءِ اهو پيار عزت،بهادري،دانشمندي واري اصولن ۽ هن ملڪ جي عوام جي وچ ۾ ڇو نه هجي.پوءِ اهو پيار قلم جي سپاهي ۽ حق سچ وچ ۾ ڇو نه هجي.
پوءِ اهو پيار دنيا جي هر شي تي ڇانيل وشال گهپ اندهيري واري ڪاري رات ۾ منزل کان ڀٽڪيل مسافر ءِ آسمان جي روشن ستاري جي وچ ۾ ڇونه هجي،جيڪو مدهم روشني ۾ منزل واري پيچري جي گس جي نشاندهي ڪندو هلي ٿو.بحر ظلمات سندي هن دنيا ۾ جتي هي دور انسانن جو جديد ترين سوشل ۽ سولائزڍ دور سڏيو وڃي ٿو،جتي انسان چنڊ جي ڪشش ۽ زمين جي ڪشش ثقل جي شڪنجي کي ٽوڙي،کين پوئتي ڇڏي،نظام شمسي جي ٻين سيارن زهره، عطارد،مريغ،زحل،مشتري ،نيچون،پلوٽو ۽ ٻين ستارن،ڪهڪشائن،ڪوهسارن تي ڪمند اڇلائي،اڳتي وڌي رهيو آهي.اُتي انسان پنهنجي وحشي،سفاڪ لالچي،خودغرض جبلت جي زيراثر ظلم،بي انصافي،ڏاڍائي،لٽ مار خوتحوار،وحشي ورثي،واري راند جو ناچ پڻ نچي رهيو آهي.انسانيت ويچاري ڪمزور،ڊنل،نڌڻڪي،ڏڪندي،لرزندي رهي ٿي.سندس ٺوڪرن ۾،سندن پيرن ۾ ليٿڙيون پائيندي رحم لاءِ التجائون ڪندي،زندگيءَ جي خيرات گھرندي پئي رهي آهي.وڏيون طاقتور قومون،ملڪ ننڍن قومن،ملڪن کي ڳڙڪائي رهيون آهن.چالاڪ قومون ۽ ملڪ، بي وقوف ۽ ننڌڻڪن قومن،ملڪن کي ڳڙڪائي رهيون آهن.تعليم يافيه،هنرمند ۽ هوشيار قومون،ملڪ ڪند ذهن ۽ جاهل قومن،ملڪن کي ڳڙڪائي رهيون آهن.طاقتورساهه وارو ڪمزور ساهه واري کي ڳڙڪائي رهيو آهي.وڏو جهنگل ننڍي جهنگل کي گھيري ختم ڪري رهيو آهي.جتي زندگي،زندگي کي پنهنجي نرغي ۾ وٺي کيس ختم ڪري رهي آهي.جتي زندگي کي وک،وک تي خطرا،ڏکيائون ۽ چيلينجيون درپيش آهن.ڄڻ ته انساني مُعاشرو اڄ به جهنگل جي قانون جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.جتي ڏاڍ،جبر واري ملڪن،قومن جي منافقت،ڪوڙ ۽ سازشن جا ڄار،ڪمزور،غريب ملڪن،قومن کي ڦاسائڻ لاءِ وک وک تي سازشن،منافقت،ظلم،ڏاڍ جا مارا،ڪوڙڪِيون وڇايل هجن.جتي طاقتور ڏاڍن ۽ ظالمن جي هڪ هٽي هجي.جتي ڪمزورن ۽ پوئتي پيلن کي ترقي ۽ طاقت حاصل ڪرڻ به ڏوهه ۽ سوچڻ به ڏوهه هجي،اُتي،علم،انصاف ترقي،اتحاد،سچائي،محنت،بهادري،قرباني جي پيار جا سونهري اصول،ظلم،ڏاڍ منافقت،بي انصافي،لٽ مار واري هن ڀيانڪ،نه ختم ٿيندڙ ڪاري رات جهڙي هن دور ۾ ان روشن ستاري جيان منزل کان ڀٽڪيل ڪمزور ملڪن،قومن کي ترقي،طاقت،بقا جي منزل تي پهچائن ٿا.اهي اصول اپنائيندڙ ۽ اصولن تي هلندڙ،قوم ملڪ کي منزل رسائيندڙ عظيم اڳواڻ پاڻ کي بادشاهه،حاڪم،والي نه ٿا سمجھن پر پاڻ کي قوم،ملڪ جو خادم،نوڪر سمجھن ٿا.عام انسانن وانگر عام انسان ٿي گزارن ٿا.انهن جي گھرن ۾ اهو ڪجھ هوندو آهي جيڪو ملڪ جي عام شهري جي گھر ۾ هوندو آهي.انهن عظيم انسانن کي ڪنهن ووٽ،ڪنهن اليڪشن جي ڳڻتي،محتاجي جي ضرورت نه پوندي آهي.اهي بنان تاج جي بادشاهه،حاڪم ۽ اڳواڻ ۽ شهري آهن.اُهي قوم،ملڪ جا جياريندڙ،امر رهنما،۽ سچا هڏڏوکي خادم آهن.اهي گذاري وڃن،ڪو فرق نه ٿو پوي اهي سدا جوان ۽ زنده رهن ٿا،هر نئين اُميد ۾،هر نئين اک کوليندڙ ٻچي ۾،هر نئين ڄمندڙ ملڪ جي ٻار ۾،اهي زنده رهن ٿا هر شاگرد ۽ هر فارغ التهصيل نوجوان جي جوان جذ بن ۾ ۽ محفوظ روشن مستقبل ۾.اهي زندهه رهن ٿا ملڪ جي پاسدارن جي عظيم شجاعت،دليري ۽ بي خوفي ۾.اهي زنده رهن ٿا ملڪ جي هر بهترين سچي ايماندار،محنتي شهري مرد،عورت ،مزدور، هاري،سپاهي، ڪلارڪ، دڪاندار،آفيسر جي فرض،ذميواريون نڀائڻ واري پرجوش ول ولي،جفا ۽ جدوجهد ۾.اُهي زنده رهن ٿا فصلن سان ڀريل لهلهاتي ساوڪ واري ساون کيتن ۾،اهي زنده رهن ٿا،ملن،ڪارخانن،مشنرين جي گڙ گڙاهٽ ۽ شور ۾،اهي زنده رهن ٿا تجارتي سرگرمين ۽ بازارين جي چهل پهل ۾،اهي زنده رهن ٿا ماڻهن جي صحت،صفائي،سُٿرائي ۾، اهي زنده رهن ٿا علمي تحقيقي کوجنائن جي سرگرمين ۽ سيمينارن ۾. اهي زنده رهن ٿا ملڪ قوم جي عزت،وقار ۾.اهي زنده رهن ٿا قوم ملڪ کي ڏنل بهترين ورثي ۾.اُهي زنده رهن ٿا هميشه ماڻهن جي دلين ۽ محبتن ۾ ۽ تاريخن ۾.جيئن عظيم رهنما حضرت عمر بن خطاب ۽ مسلمان قوم،جيئن عظيم رهنما امام خميني ۽ ايران جيئن عظيم رهنما مائوزي تنگ ۽ عظيم چين،جيئن عظيم صدر آمريڪا،ابراهم لنڪن ۽ آمريڪا،جيئن عظيم رهنما فيڊرل ڪاسترو ۽ ڪيوبا،جيئن عظيم رهنما لينن ۽ عظيم سوويت يونين.جيئن سڪندر آعظم ۽ يونان.