ڪراچي

جسمم اڳواڻ مظفر ڀُٽي جو گوليون لڳل لاش هٿ، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، دڪان بند، اڄ هڙتال جو سڏ

muzaffar bhuttoڪراچي: جيئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ نوجوان قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو جو گوليون لڳل لاش حيدرآباد شهر ويجهو هٽڙي واري علائقي ديهه بخاري ۾ جهنگ مان مليو آهي، قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو جي وارثن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هن ارڏي نوجوان کي 16 مهينا اڳ کنڀي کڻي گم ڪيو ويو هو. نوجوان قومپرست اڳواڻ جي مائٽن جو چوڻ آهي ته مظفر ڀٽو کي هڪ گولي مٿي ۾ لڳل آهي، ٻي گولي سيني ۾ دل واري جاءِ تي هنئين وئي، تشدد سبب سندس کاٻي ٻانهن ڀڳل آهي. هوڏانهن ڇلگري ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪالهه صبح جو 7 وڳي ڌاري کين اطلاع مليو ته سندن ٿاڻي جي حد ۾ باءِ پاس وٽ ديهه بخاري جي وڻن جي جهڳٽن ۾ هڪ لاش پيل آهي، پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، مارجي ويل نوجوان جي کيسي مان هڪ شناختي ڪارڊ هٿ آيو، ان سڃاڻپ ڪارڊ ۾ سندس نالو امير علي ولد محمد عالم لکيل هو ۽ سندس رهائش جو هنڌ راڌڻ تعلقو ميهڙ ڄاڻايل هو، پوليس چواڻي ته مارجي ويل ان نوجوان جي کيسي مان هڪ سروس ڪارڊ پڻ هٿ آيو، جنهن ۾ کيس ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جو سب انجنيئر ڄاڻايو ويو هو، بعد ۾ لاش سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو. ٻئي طرف مظفر ڀٽو جي ڀاءُ سڪندر ٻڌايو ته کيس اطلاع مليو ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ هڪ لاش پهتو آهي، جنهن مان مظفر ڀٽو جون نشانيون ملي رهيون آهن، هن سول اسپتال حيدرآباد پهچي لاش ڏٺو ته اهو لاش سندس ڀاءُ مظفر ڀٽو جو هو، اهڙي اطلاع ملڻ تي مظفر ڀٽو جو گهرواري صائمه ڀٽو پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني ۾ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي پهتي، جنهن پڻ مظفر ڀٽو جي سڃاڻپ ڪئي. صائمه جو چوڻ هو ته مظفر ڀٽو سدائين سنڌ جي آجپي جي ڳالهه ڪندو هو، جنهن ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته سندس مڙس ۽ هوءَ 24 فيبروري 2011ع تي نيوسعيد آباد وٽان اچي رهيا هئا ته ڳجهن ادارن جا اهلڪار سندس مڙس کي ڪار ۾ کنڀي کڻي ويا هئا، جنهن جي بازيابي لاءِ هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئيچ حيدرآباد ۾ درخواست به داخل ڪرائي هئي.

مظفر ڀٽو سدائين سنڌ جي آجپي جي ڳالهه ڪندو هو، جنهن ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته سندس مڙس ۽ هوءَ 24 فيبروري 2011ع تي نيوسعيد آباد وٽان اچي رهيا هئا ته ڳجهن ادارن جا اهلڪار سندس مڙس کي ڪار ۾ کنڀي کڻي ويا هئا، جنهن جي بازيابي لاءِ هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئيچ حيدرآباد ۾ درخواست به داخل ڪرائي هئي. هن ٻڌايو ته هن پنهنجي مڙس جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ اسلام آباد، هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن سامهون احتجاج ڪيا; صائمه ڀٽو

هن ٻڌايو ته هن پنهنجي مڙس جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ اسلام آباد، هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن سامهون احتجاج ڪيا، پر حڪومت سندس آواز نه ٻڌو ۽ آخر سندس مڙس کي شهيد ڪري ساڻس ۽ سنڌ سان ظلم ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته مظفر ڀٽو کي پهريون ڀيرو 6 نومبر 2005ع تي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ کيس 8 نومبر 2006 تي ڇڏيو ويو هو، مظفر ڀٽو کي ٻيهر 24 فيبروري 2011ع تي کنڀيو ويو ۽ سندس لاش ڏنو ويو. مظفر ڀٽو کي هڪ نياڻي حنا، ٻن پٽن آڪاش ۽ درياهه خان اولاد آهن، مظفر ڀٽو هڪ شادي ڪئي هئي. مڙهه سندس قاسم آباد جي ڏومرا ڳوٺ واري رهائشگاهه تي آندو ويو، جتي مختلف قومپرست، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ حبيب ڀٽو، ڪيهر انصاري، مسرور ٿيٻو، رحمان پيرزادو ۽ ٻيا موجود هئا. شهيد جي مڙهه کي غسل ڏيارڻ کان پوءِ مڙهه سيوهڻ نيو ويو. هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مظفر ڀٽو کي بيدرديءَ سان شهيد ڪرڻ واري واقعي خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ پرامن هڙتال جو سڏ ڏيندي چيو آهي ته قومي ڪارڪنن کي کڻي گم ڪرڻ بعد قتل ڪرڻ انسانيت سوز عمل آهي مظفر ڀٽو سنڌ جو شهيد آهي. هوڏانهن عبدالواحد آريسر اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف واقعي خلاف ٽنڊي محمد خان، شڪارپور، نوابشاهه، قمبر، ٺٽي، دادو، نواب ولي محمد، سڪرنڊ، نصيرآباد، ڳيريلي ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو. جڏهن ته سکر، ڏهرڪي، پڪا چانگ، شاهپور جهانيان، ڪنڌڪوٽ، قاضي احمد، بلڙي شاهه ڪريم، سامارو، راڻيپور، گهارو، ڊکڻ ۾ جلوس ڪڍي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، وارهه ۾ ڪاروبار بند ڪري 3 ٽرڪن کي باهه ڏني وئي، ڏوڪري ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري محمد زاده پٺاڻ کي ماري وڌو، جڏهن ته 2 ڄڻا عبدالخالق پٺاڻ ۽ نظر محمد گلال زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button