جانين کي سخت خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورت جي دانھن
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) چوري جا جوابدار مڙس ۽ معصوم ٻارڙن سميت قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جانين کي سخت خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورت جون معصوم ٻارڙن سميت پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهون، رپورٽ موجب، ٺري مير واهه جي ڳوٺ ڍيڍاڻو جي رهواسڻ عورت مسمات نورجهان زال نبي بخش شيخ پنهنجي معصوم ٻارڙن منتظر مهدي، حيدر مهدي ۽ شائله نور سميت پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته 7 اپريل 2012 تي رات جو سندس ڏير محمد يونس شيخ، غلام مصطفيٰ ، ذوالفقار علي ۽ ٻين هٿياربندن ساڻ ڪري گهر ۾ داخل ٿي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ۽ دانهون ڪرڻ تي هٿياربندن رسن سان ٻڌي گهر مان 70 هزار روڪ رقم، موٽر سائيڪل، سونا زيور، بندوق جو لائسن توڙي ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا جن جي ماليت 5 لک رپيه کان وڌيڪ آهي هن چيو ته سندس مڙس فوجي آهي جيڪو جيڪو اڪثر نوڪري خاطر ٻاهر رهندو آهي هن چيو ته چوري جو اهڙو اطلاع ٺري ميرواهه پوليس کي بروقت ڏنو پر پوليس هن وقت تائين ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آهي ۽ جوابدار لڏي وڃڻ سان گڏ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهنڪري مونکي معصوم ٻارڙن سميت جان جو سخت خطرو پيدا ٿي ويو آهي هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل جوابدارن جي ظلمن جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.