مختصر خبرون
امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان رابطو نمبر
خيرپور; چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن سکر آغا اعجاز احمد خان پاران ايگزيڪيٽوِ انجنيئر بئراج ڊويزن سکر آفتاب احمد کوسو کي فلڊ ايمرجنسي آفيسر جڏهن ته اسسٽنٽ ايگزيڪيٽوِ انجنيئر ريگيوليشن سب ڊويزن سکر عبدالستار ساريو کي فلڊ لائيزان آفيسر نامزد ڪيو ويو آهي. جن سان سندن آفيس فون نمبر 071-5612432 تي رابطو ڪري امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان معلومات وٺي سگهجي ٿي. مٿي ڄاڻايل آفيسرن کي پنهنجن اصل ذميوارين سان گڏو گڏ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال جي حوالي سان کين اضافي ذميواريون ڏنيون ويون آهن.