سکر

اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو: قائم علي شاھ

CM Photo at Circuit House Khpخيرپور:سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن جڏهن ته اسلام تي يقين رکندڙ هر مسلمان کي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ ۾ امن امان ۽ ايڪي سان رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. وزير اعلى سنڌ اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ شهر جي امن ڪاميٽي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندي ڪيو. هن امن ڪاميٽي جي قيام جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪاميٽي جي قيام سان شهر اندر مڪمل امن امان قائم ٿيندو ۽ شهر اندر ڪنهن به اڻ وڻندڙ امڪاني واقعي کي اڳواٽ روڪيو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي امن ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا صدر الدين ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري سيد ناصر علي شاهه ۽ سيد ارشاد علي شاهه امن ڪاميٽي جي جوڙ جڪ ۽ متفقه نڪات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ضلعي انتظاميه خاص طور تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ايس ايس پي خيرپور عرفان علي بلوچ پاران امن ڪاميٽي جي قيام ۽ شهر اندر امن امان برقرار رکڻ جي حوالي سان سندن ورتل ڪوششن کي ساراهيو ويو. جڏهن ته انجمنِ تاجران جي اڳواڻن قطب الدين شيخ ۽ حاجي يار محمد شيخ ۽ ٻين امن ڪاميٽي جي قيام تي مڪمل طور تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ امن امان جي حوالي سان پنهنجي پاران ڀرپور تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن جڏهن ته اسلام تي يقين رکندڙ هر مسلمان کي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ ۾ امن امان ۽ ايڪي سان رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ گهرجي

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير پاران مختلف دوڪاندارن جي نقصانن جي معاوضي لاءِ 16 دوڪاندارن ۾ 15 لک روپين جا چيڪ ورهايا جن ۾ سيد مشتاق علي شاهه، حسن اختر چوڌري، عطاءُ الرحمان، وقار احمد، ڪريم بخش، محمد شفيق، سيد نظر عباس، عبدالفتاح موريجو، نعمت الله شيخ، عبد الرحمان شيخ، عبد الرحمان ميمڻ، شاهد ڦلپوٽو، سيد بلال شاهه، غلام رضا ۽ ٻيا شامل آهن. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير خيرپور شهر جي سيد بچل شاهه محلي ۾فوتي تصدق پٺاڻ جي پونئيرن سان، مير علي بازار ۾ صرافه بازار جي اڳواڻ حُسين بخش عباسي سان سندس والده ، لقمان ۾ نوناري پاڙي ۾ مبين ناريجو جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير ڪوٽ ڏجي تعلقي جي ڳوٺ سرائي پيارو خان ۾ اڳوڻي سيڪريٽري سرائي محمد علي خاصخيلي جي وفات تي سندس پونئرن سان پڻ تعزيت ڪئي. ان کان اڳ سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا جي نمائندن پاران اين ڊي ايم اي پاران ڏنل امڪاني ٻوڏ جي وارننگ جي سوال جي جواب ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته الله تعالى رحم ڪندو جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ يا برساتن جي نقصان کان بچڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا آهن جنهن سان وڏي امڪاني نقصان کان بچي سگهبو. امن امان جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي هر واقعي کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نالو ڏيڻ صحيح ناهي جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اعتماد جوڳي آهي جڏهن ته صوبي اندر امن امان جي صورتحال کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سان سکر ۽ خيرپور جي ضلعي انتظاميه، پوليس عملدار ۽ پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button