سکر

اتر سنڌ جا ڪيترا ئي شهر گرميءَ جي شديد لپيٽ ۾ اچي ويا

Ayub bridgeسکر(بيورورپورٽ) سکر سميت اتر سنڌ جي ڪيترا ئي شهر گرميءَ جي شديد لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 0 4 کان 7 4 تائين پهچي ويو. جنهن جي ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. ۽ روڊ رستا ويران ٿيڻ لڳا، تيز گرمي پوڻ جي ڪري ڪاروباري زندگي مفلوج ٿي ويئي. جڏهن ته سيپڪو پاران لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو. اندرون سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ظالماڻي لوڊشيڊنگ جي ڪري شهري اٿي کڙا ٿيا. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي غير اعلانيل اضافي کان پوءِ اندرون سنڌ ۾ قائم ، فيڪٽريون، ڪارخانا بند ٿيڻ ڪري هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن. ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي. صنعت ۽ تجارت مفلوج ٿيڻ لڳي، بجليءَ جي بندش جي ڪري تعليمي ادارن ۾ علم حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ذهني پريشاني ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. بجليءَ جي مسلسل لوڊشيڊنگ جي ڪري جنريٽري جي صنعت کي فروغ مليو آهي. شهر جي مارڪيٽن ۽ گهرن ۾ جنريٽر جي استعمال ڪرڻ ۽ جنريٽر مان نڪرندڙ دونهن سان ساهه جون ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. اندرون سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت ۾ اضافي سان گيسٽرو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي وبائي بيماريون ڦهلجڻ ڪري اسپتالن ۾ زير علاج مريضن جي حالت بري طرح متاثر ٿيندي پئي وڃي. ڪيترن ئي شهرن ۾ بجليءَ جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهري احتجاج ، مظاهرا ۽ ڌرڻا ڏيڻ تائين مجبور ٿي چڪا آهن. پر انتظاميه پاران ان اهم مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافي سان زراعت کي به شديد متاثر ڪري ڇڏيو اهي ۽ فصلن ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو پوکيل فصل سڙڻ ڪري ۽ انهن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. اسپتالن ۾ گرميءَ جي ڪري داخل مريضن کي شديد دشواريءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته بجلي بند هجڻ ڪري انڊسٽريز تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن بيروزگاريءَ ۾ اضافي سبب ڪم ڪندڙ مزدور بيروزگار ٿي چڪا آهن. ۽ انهن جي گهرن تائين فاقه ڪشي پهچي چڪي آهي. موجوده حڪومت عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جو واعدو ڪري ووٽ حاصل ڪيا هئا پر عوام جو چوڻ آهي ته موجوده حڪمران اٽو، لٽو ۽ اجهو ته عوام کي نه ڏيئي سگهيا پر حڪمران عوام کي اونداهه ۾ ڌڪي رهيا آهن. عوام جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻيءَ جو به شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي. ۽ هن قيامت خيز گرميءَ ۾ ماڻهو پري پري وارن علائقن کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. عوام حڪومت کي مطالبو ڪندي چيو آهي ته تيز گرميءَ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ڪري عوام کي بجليءَ فراهم ڪئي وڃي. ۽ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آندي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button