سکر

گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام جو احتجاج

jui f protest
فائل ڦوٽو
سکر(بيورورپورٽ )گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام سکر ۽ شهري اتحاد جي اڳواڻن ايڪسائيز آفيس ۽ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو، سيد عمران علي، زبير احمد نقشبندي ۽ مولانا عبدالحليم سيلرو ڪئي، مظاهرو ڪندڙن ڊائريڪٽر ايڪسائيز منير احمد زرداري سان ملاقات ڪري يقين ڏيارايو ته توهان جو احتجاج حڪمرانن کي ريڪارڊ ڪرائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته گهوٽڪي ۾ وائين شاپ نه کلي، ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي کي خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ۾ پهريون ئي هڪ شراب جو گتو کليل آهي، هاڻي شهر ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز پنهنجي اثر رسوخ سان ٻيو شراب جو گتو کولي ڪري مسلمانن جي غيرت کي چئلينج ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته جتي به شراب جا گتا کوليا پيا وڃن اتي مسجدن، مدرسن ۽ اسڪولن ۽ ٻين آفيسن جو خيال نه پيو رکيو وڃي ۽ شهر جو ماحول خراب ڪيو پيو وڃي، گهوٽڪي انتظاميا شهر اندر هندو مسلم فساد ڪرائڻ چاهي ٿي، اهو سڀ ڪجهه دڪاندارن ۽ ڪجهه هندو برادري جي ماڻهن جي شرارت جي ڪري ٿي رهيو آهي، جيڪو مسلمان ڪڏهن به برداشت نه ڪندا، هنن چيو ته هن وقت گهوٽڪي جو ماحول پر امن آهي ۽ حڪمران شراب جو گتو کولرائي ڪري امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، اگر شراب جو گتو کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته تمام پارٽيون گڏجي ڪري گهوٽڪي ضلعي اندر هڙتال جو سڏ ڏيندي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز سنڌ کان مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي شهر اندر شراب جي گتي جي اجازت نامي کي رد ڪيو وڃي ۽ صوبائي وزير ايڪسائيز کي برطرف ڪيو وڃي، هنن اعلان ڪيو ته جلد ئي تمام پارٽين جو اجلاس گهرائي ڪري سکر ۽ گهوٽڪي ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button