خيرپور

گمبٽ ۾ منعقد ٿيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم کٽي ورتي

Cricket Tournament Photoخيرپور:سماجي تنظيم سيو دي لائيف گمبٽ پاران سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان اسرا سي اين جي ڀرسان مشعل بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ علائقي جي 8 مختلف ٽيمن حصو ورتو جڏهن ته فائنل مئچ سٽي ڪرڪيٽ ڪلب گمبٽ ۽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سٽي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 8 اوورن ۾67 اسڪور ڪيو جڏهن ته شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم 6 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. ٽورناميٽ ۾ مهمان خاص جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي سکر ڊاڪٽر ارشد مغل هو جڏهن ته ڊي او اسپورٽس خيرپور مير محمد ڪلهوڙو، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرپور صاحب خان ڀنڊ، سماجي اڳواڻ پرويز احمد وساڻ، صحافي حاڪم علي ڀٽي ۽ ٻيا اعزازي مهمان هئا. ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ جي کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان شوڪت علي ڦل ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان اسرار احمد شيخ کي ٽرافيون ۽ روڪ انعام ڏنا ويا. جڏهن مين آف دي مئچ جو انعام مُنير احمد جوڻيجو کي ڏنو ويو ۽ فائنل ۾ پهچندڙ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کي سيو دي لائيف آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر غُلام حُسين جوڻيجو پاران ميڊ پارايا ويا. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي مختلف مقابلن مان علائقي جي سوين ماڻهن لطف اندوز ٿيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button