سکر

ڪراچي واري واقعي تي سکر ۾ سرڪار تي ڪاوڙ جي لھر

karachi killingسکر(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪڍيل محبت سنڌ ريلي تي دهشتگردن هٿان نياڻين سوڌو 11 ڄڻن تي گولين جو بک بنائڻ واري واقعي تي سکر ۽ پاسي ۾ سخت ڏک ۽ سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ اڄوڪي هڙتال جي مڪمل حمايت ڪئي وئي جڏهن ته سمورا قومپرست ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڏکارا ٿيندي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺي حقيقتون عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ خان محمد ڀيو، علي نواز ٻٽ،ريحان ڪاغذي ،دلبر ڀٽو،عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سچل ڀٽي، ستپ جي نذير سومرو جسقم جي غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو،ياسين خان مهر،ايس يو پي جي منور ٿهيم،هن واقعي سميت جسمم اڳواڻ مظفر ڀٽو کي تشدد ڪري شهيد ڪرڻ واري واقعي کي رياستي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ئي وطن تي ويڳاڻا بڻايا ويا آهن عالمي سازش هيٺ سنڌ ۾ رتو ڇاڻ ڪرائي پئي وڃي پر افسوس جو سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ پ پ حڪومت رڳو ٻٽاڪون هڻڻ ۾ پورا آهن کين رت سان رنگيل بي گناهه ماڻهن جا لاش نظر نه ٿا اچن ڪراچي واقعي ۾ سنڌ جي گورنر جي سرپرستي ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي هنن ڪراچي جي شهيدن ۽ مظفر ڀٽو جي قتل جو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ عملي طور نوٽيس وٺي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button