پاڪستان ۾ آمريڪا جي وڌندڙ مداخلت ڪير روڪيندو؟
زاهد راڄپر
ملڪ جي اهم ادارن ۾ ٽڪراءَ سبب ملڪ جا اهم معاملا به ڪنڊائتا ٿي ويا آهن، جن ۾ موجوده حڪمرانن پاران آمريڪا سان ڇڪتاڻ کانپوءِ ان سان ٿيل ٺاهه، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سان ڇڪتاڻ ۽ پوءِ خاموشي، آرمي ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ ٿوري ٺاپر اچڻ. هاڻي هڪ فيصلي کانپوءِ اُهي سمورا معاملا جيڪي ملڪي عوام جي زندگي ۽ موت جهڙا مسئلا آهن اهي پاسيرا ٿي ويا ۽ ماڻهن جا خيال اوڏانهن هٽي ويو آهي. جنهن ڪري ماڻهن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن ۽ خود آرمي کي اها ڳالهه واضح ۽ ظاهر ڪرڻ گهرجي ته انهن آمريڪا سان ڪهڙن شرطن تحت ٺاهه ڪيو آهي يا نه ڪيو آهي ته پوءِ آمريڪا ڪهڙا شرط رکيا آهن. جنهن ڪري اسان جا حڪمران انهن جي آڏو بيوس آهن. ان سلسلي ۾ آمريڪي جي اهم عملدارن جون لاڳيتيون صدر زرداري ۽ آرمي عملدارن سان ڳالهيون ٿيون آهن پر انهن ڳالهين جي پڌرائي ۾ صرف نيٽو سپلاءِ جي بحالي کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ٺاهه ٿيا آهن انهن جي پڌرائي نه ٿي آهي. ٻيو ٺاهه نه ٿيو هجي اهو ممڪن نظر نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ايشيا ۾ پاڪستان جو ڪردار اهميت وارو آهي، جنهن ڪري آمريڪا ۽ برطانيه جي پاڪستان ۾ سڌي مداخلت وڌي رهي آهي، جنهن جو تازو مثال آمريڪي ۽ برطانوي عملدارن پاران ڪراچيءَ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين کان سواءِ قابض ڌرين سان ڳالهيون ڪرڻ آهي. پهريان آمريڪا روس جهڙي سوشلسٽ ملڪ کي ٽوڙڻ لاءِ پاڪستان جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ هاڻي چين ۽ ايران کي منهن ڏيڻ سميت ايشيا ۾ پنهنجي اڻ سڌي بادشاهي حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي پاڪستان ۾ ڪٺ پتلي سرڪار جي ضرورت آهي، جنهن ڪري پاڪستان ۾ ڀُٽي جي دور کان وٺي هن مهل تائين جيڪي حڪومتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون آهن، انهن ۾ آمريڪا جو سڌو ۽ اڻ سڌو هٿ رهيو آهي. ان ڪري هن حڪومت ۽ آرمي پاران آمريڪا سان ظاهري چڪتاڻ کان پوءِ ماٺ، ضرور ڪي اهم ڳجهن ٺاهن جو نتيجو آهي نه ته ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا هن حڪومت کي هلڻ نه ڏئي ها. جيڪڏهن آمريڪا جي مفادن جي پاس خاطري نه ٿئي هان. ڇاڪاڻ ته آمريڪا هن وقت دنيا جو اڪيلو فيل مست سپر پاور آهي،انتهائي وحشي ۽ انسان دشمن. جنهن پنهنجي مفادن ۽ هٿيارن جي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ دنيا جي پوئتي پيل ملڪن کي جنگ جي باهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، ماڻهو سڙي رهيا آهن ۽ آمريڪا ان جو تماشو ڏسي رهيو آهي. سندس بادشاهت جو خاتمو اوس ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ شاهد آهي ته هن کان اڳ دنيا ۾ سڀ کان پهريون سپر پاور ايران هيو، بعد ۾ روم ٿيو، عربن به دنيا ۾ ڌاڪو ڄمايو، پورچوگال، هالينڊ ۽ اسپين به سپر پاور رهيا، روس به سپر پاور ٿيو، پر عالمي سامراجي قوتن سوشلسٽ ملڪ هجڻ ڪري سازشون ڪري کيس هلڻ نه ڏنو ۽ هاڻي آمريڪا دنيا جو لٺ سردار بڻيو بيٺو آهي. جنهن ڪري جتي آمريڪا جا مفاد آهن، اتي آمريڪا جون مختلف پاليسيون آهن. پوئتي پيل ملڪن ۾ جمهوريت جو نالو استعمال ڪري ٿو ۽ سعودي ۾ وري بادشاهت جي حمايت ڪري ٿو. آمريڪا جي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي.
ملڪ جي حڪمرانن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا سدائين ڪم ڪڍو پاليسي تي عمل ڪندو رهيو آهي. جنهن ڪري آمريڪا پاڪستان ۾ ڀُٽي جي حڪومت جي حمايت ڪئي. ڀُٽي اقتدار جي انڌ ۾ بلوچن، پٺاڻن ۽ بنگالين کي ڪُٺو ۽ جڏهن وري آمريڪا کي اکيون ڏيکاريون ته ضياءَ معرفت کيس هٽائي ڦاسيءَ چاڙهايو، افغانستان ۾ جماعت اسلامي جي گلبدين حڪمت يار، ويٽنام ۾ جنرل ڊيم، فلپائن جو صدر مارڪوس آمريڪا جي اکين جو ٺار هيا، پر وقت اچڻ تي ائين هٿ ڪڍي وين ڄڻ کين سڃاڻي ئي ڪونه، انهن همراهن به خيراتي مڙسيءَ ملڻ تي ٽوپي نراڙ تي رکي، پر دنيا انهن جو حشر ڏٺو.
آمريڪا پاڪستان ۾ ڪوبه مقبول عوامي ليڊر ڏسڻ نه ٿو چاهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ مشهور عوامي ليڊر قتل ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن جا قاتل به گرفتار ۽ نه ئي ظاهر ٿيندا رهيا آهن. ان ڪري حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺي پنهنجي عوام جي ميڊيئٽ جو تقدس بحال رکڻ لاءِ ملڪ کي آمريڪي غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ حقيقي مڙس ماڻهو ٿيڻ گهرجي ۽ اجائي اشوز ۾ ڦاسڻ بجاءِ پنهنجي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڏنل نعري اٽو، لٽو ۽ اجهي جي فراهمي لاءِ رڳو ڪاغذي ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ وڌندڙ غربت، بيروزگاري، مهانگائي عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپشن انتها تي پهتل آهي. جنهن ڪري عام ماڻهن جو جائز ڪم به سرڪاري آفيسن ۾ رشوت کانسواءِ نه ٿو ٿئي، قانون جي گرفت ڪٿي به نظر نه اچي، جنهن ڪري ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو آهي اهو ئي گابو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو انصاف کان به محروم آهن ۽ عوام ۾ انارڪي ڦهليل آهن ۽ سندن اندر ۾ ڪروڌ پلجي رهيو آهي جيڪو ڪنهن به وقت لائو بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري حڪمرانن کي عوام جي جذبن جو احترام ڪرڻ گهرجي کين پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ آمريڪي غلامي جي آڙاهه ۾ نه اڇلڻ گهرجي
Zahidrajpargmail.com