مختصر خبرون
وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جو وڏو ڀاءُ فوت
سکر(بيورورپورٽ) وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جو وڏو ڀاءُ سيد علي نواز شاهه لاڏاڻو ڪري ويو سند س جنازي نماز رات سکر جي مدرسي منزل گاهه ۾ عشا جي نماز بعد ادا ڪئي وئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سميت ڪيترن ئي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي بعد ۾ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي سيد خورشيد شاهه سان تعزيعت جو سلسلو جاري آهي.