سکر

وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدالت جو مذاق اڏائي رهيا آهن، ميان نواز شريف

Nawaz Sharif in Larkanaسکر(بيورورپورٽ)مسلم ليگ نواز جي سربراه ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، سنڌ جي سياستدانن مسلم ليگ نواز ۾ اچڻ چاهيو پئي انهن کي دٻاءَ ۾ آڻي پ پ ۾ شموليت جا اعلان ڪرايا پيا وڃن، وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدالت جو مذاق اڏائي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهارهن لاهور وڃڻ کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته عدليه جي دفاع لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن تحت پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ عوامي جلسا ڪيا ويندا، هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ جي قومپرستن سان رابطا ٿيا آهن، جنهن مان جلال محمود شاه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجو عدليه جي وقار خاطر مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺڻ لاءِ سنڌ جي قومپرستن سان ڳالهيون ٿيون آهن، وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدليه جو مذاق اڏائي رهيا آهن، عدليه جي دفاع لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي جنهن جي شروعات اڄ لاڙڪاڻي ۾ عوامي قوت سان گڏجي حڪومت هٽايو ملڪ بچايو ريلي ڪڍي ويندي، جڏهن ته اهڙيون ريليون 11 مئي تي خيرپور، 12 مئي تي نوابشاهه ۽ 13 مئي تي ٺٽي مان حڪومت هٽايو ملڪ بچايو ريليون ڪڍيون وينديون موجوده حڪومت ۾ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي سنڌ جي جن سياستدانن مسلم ليگ نواز ۾ اچڻ چاهيو پئي انهن کي طاقت جي زور تي مٿن دٻاءُ وجهي پ پ ۾ شموليت جا اعلان ڪرايا پيا وڃن جن جي اسان سخت مذمت ڪيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اٺون پير پاڳارو پنهنجي مرحوم والد جي خواهش مطابق ن ليگ سان گڏ هلڻ جو اظهار ڪيو آهي، ان موقعي تي غوث علي شاه، لياقت جتوئي، الاهي بخش سومرو، اڳوڻو گورنر سنڌ ممنون حسين، ماروي ميمڻ، امير بخش ڀٽو ۽ ٻيا گڏ هئا، صحافين سان ڳالهائڻ بعد ميان نواز شريف سکر ايئرپورٽ تان پنجاب حڪومت طرفان مهيا ڪيل چارٽر جهاز ۾ لاهور وڃڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button