سکر

نيٽو سپلاءِ ڪنهن به صورت ۾ کولڻ نه ڏينداسين، جمعيت طلباءِ اسلام

Nato supply trucksسکر(بيورورپورٽ)جمعيت طلباءِ اسلام جي ضلع اڳواڻ ذبيع الله جتوئي، عبدالله حمادي، عبدالقيوم رند، فضل الرحمان فاروقي، حافظ ادريس سميت ۽ محب الله انڊهڙ ۽ ٻين آمريڪي حڪام پاران نيٽو سپلائي بحاليءَ لاءِ پاڪستاني حڪومت تي دٻاءُ کي مسترد ڪندي ممڪنه بحاليءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نيٽو سپلائي بند ٿي چڪي آهي. هاڻي ڪنهن به صورت ۾ کولڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته اگر نيٽو سپلائي کولي ويئي ته جمعيت طلباءِ اسلام جا لکين نوجوان سپلائي کي پوري قوت سان روڪيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن جي يو آءِ جي ضلعي دفتر ۾ جي ٽي آءِ جي ضلعي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته يهودين جي سازش جي تحت سڄي ملڪ ۾ جيد علماءِ ڪرام کي ڳولي ڳولي ڪري قتل ڪيو پيو وڃي. حڪمران علمائن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن. دشمن سمجهي رهيا آهن ته علمائن کي شهيد ڪري ڊيڄاري انهن کي رستي تان هٽايو ويندو اها انهن جي ڀل آهي. علمائن اسلام زنده آباد تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ منزل ويجهو پهتي آهي. جي ٽي آءِ جي ذميوارن پاران ايندڙ چونڊن ۾ جي يو آءِ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ورڪرن کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ چونڊن جون ڀرپور تياريون ڪيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button