مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

زاهد راڄپر
ڪراچيءَ ۾ 22 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر دهشت گردن رت جي هولي کيڏي، ڌرتي جي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. پر سنڌ جي دلير فرزندن، نياڻين پنهنجي سيني تي گوليون کائي، ڌرتيءَ کي پنهنجي رت جو ريج ڏئي، وڏي حوصلي همت سان چيو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“. عوامي تحريڪ جنهن سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي سدائين منهن ٽوڙ جواب ڏيندي هميشه پاڻ ملهايو آهي ۽ ان جي اڏول قيادت هيمشه پنهنجي اٽل ارادي سان بيهي سنڌ جي باضمير قيادت هجڻ جو ثيوت ڏنو آهي، تيئن ڪالهه پڻ گولين جي برسات ۾ ڌرتي جي هنن سورهه پٽن ڪامياب ريلي ڪڍي سنڌ جي وحدت خلاف سازشن ۾ مصروف دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.

سنڌ ٽوڙڻ واري سازش ۽ لياري ۾ بيگناهه بلوچن قتل ڪرڻ ۽ آپريشن خلاف ڪڍيل ريليءَ کي 12 مئي وانگر هڪ رٿابنديءَ تحت نشانو بڻايو ويو، پر بدقسمتي ته اها آهي ته اهو 12 مئي جو واقعو هڪ آمر جي حڪومت ۾ ٿيو ۽ هي واقعو پنهنجي پ پ حڪومت ۾ ٿيو، جنهن کي سنڌي ماڻهن وڏي اڪٽريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ايوانن ۾ اماڻيو ته وڃي سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪيو ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪيو، پر سنڌي ماڻهن جي خوابن جي ابتڙ پنهنجي ڌرتي تي پنهنجي حڪومت هوندي سنڌي ماڻهن لاش وصول ڪيا. لاش جنهن ۾ سنڌي عورتون به هيون، معصوم نِياڻيون به هيون ۽ سورهه سرويچ پٽ به هئا. پر اسان جي حڪمرانن ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ ڪڍيل ريلي جي حفاظت ته نه ڪئي پر پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ بگهڙن کي کلي ڇوٽ ڏني. پوليس حڪمن جي تعميل ڪندي حملي وقت موقعي تان فرار ٿي وئي.
اقتدار جي نشي ۾ ڌت اسان جي حڪمرانن اڃا تائين انهن دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪابه عملي ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ فقط روايتي ڪميٽيون ٺاهيون آهن، جن جو مقصد جاچ سرد خانن جي حوالي ڪرڻ آهي، پر ملڪي تاريخ جي بدترين واقعي جنهن ۾ پرامن سياسي ڪارڪنن ۽ عورتن کي نشانو بنايو ويو هجي ان جي جاچ به مرتضي ڀٽو، بيظير ڀٽو جي شهادتن وارن واقعن وانگر ان مان به ان ڪري ڪابه هڙ حاصل نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ان واقعي جا پيرا به سڌي يا ڻ سڌيءَ طرح حڪومت جي اتحادي ڌر ڏانهن وڃن ٿا ۽ حڪومت پنهنجي اتحادي ڌر تي ڪک به سهڻ لاءِ تيار ناهي. توهان گذريل ڪيتري عرصي جون اخبارون کڻي ڏسون حڪمران مسلسل پنهنجي حڪومتي ڌر جا پريس ترجمان ٿي انهن جون وضاحتون پيش ڪندا رهيا آهن.

جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون.
نون سرن ۾ زندگيءَ جا گيت ڳائيندا اچون
نئين زمين تي هڪ نئون جهان بنائيندا اچون
نئين جهان ۾ ڌام ڌوم ساڻ ڇائيندا اچون.
حيات جو هي حڪم آ ته ڊاهيو پوءِ ٺاهيو.
دٻاءَ ڦر رهزنيءَ جا کيل سڀ بگهاڙيو.
خزان کي جو پناهه ڏئي سو باغ ئي اجاڙيو.
خزان سان گڏ، خزان جو گهر به پيا جلائيندا اچون.

جڏهن ته ايم ڪيو ايم واضع چوي ٿي ته سنڌ ۾ ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندڙن جو موقف ٻڌو وڃي. جڏهن ته ڪالهه هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رضا هارون اهو واضح چيو ته جيڪڏهن اڄ سنڌ ۾ ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندڙن سان نه ڳالهايو ويو ته سڀاڻي صوبائي اسيمبليءَ مان هڪ ڀاڱي ٽي جي حيثيت سان قرارداد به پاس ڪرائي سگهجي ٿي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي ان بيان پٺيان محسوس ٿي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم حڪمرانن سان اهڙي قسم جا معاملا طئه ڪري رهي آهي ۽ سمورين سازشن ۾ پ پ به پنهنجي اتحادي ڌر سان ڀاڱيڀائيوار آهي. تڏهن ته حالتن جي چڱي نموني واقفيت هجڻ باوجود به پ پ حڪومت محبت سنڌ ريلي جي حفاظت لاءِ موثر انتظام ته نه ڪيا پر الٽو ريلي جي گذر وارن رستن تي ڪنٽينر لڳائي ريلي کي ٻيا رستا وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو. جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ ۾ ڌار صوبو گهرندڙن جي ريلي کي نه رڳو ريڊزون مان گذارڻ جي اجازت ڏني وئي پر پروٽوڪول فراهم ڪيو ويو.
حالت ته اها هئي جو هيڏي وڏي سانحي جنهن ۾ ڌرتي ڌڻيءَ نياڻيون ۽ سورهه پٽ گولين جو بک بڻجي تڙپي رهيا هيا ان وقت حڪومت اسپتالن ۾ انهن جي طبي امداد لاءِ انتظام به نه ڪيا ۽ زخمين کي دوائون به فراهم نه ڪيون ويون. پر ريلي ۾ شريڪ سنڌين ۽ بلوچن جي لازوال محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته گوليون هلنديون رهيون، خون وهندو رهيو ۽ سورهه سپوت پوئتي نه هٽيا ۽ پاڻ کي ڀاڪر پائي هڪٻئي کي آٿت ڏيندا ۽ اڳتي وڌندا رهيا.
جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون.
نون سرن ۾ زندگيءَ جا گيت ڳائيندا اچون
نئين زمين تي هڪ نئون جهان بنائيندا اچون
نئين جهان ۾ ڌام ڌوم ساڻ ڇائيندا اچون.
حيات جو هي حڪم آ ته ڊاهيو پوءِ ٺاهيو.
دٻاءَ ڦر رهزنيءَ جا کيل سڀ بگهاڙيو.
خزان کي جو پناهه ڏئي سو باغ ئي اجاڙيو.
خزان سان گڏ، خزان جو گهر به پيا جلائيندا اچون.
ريلي ۾ شهيدن ٿيندڙن ۾ سنڌ جي معصوم نياڻي آمنه پليجو به هئي، جيڪا پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ سندرو ٻڌي ڪراچيءَ جهڙي بي رحم شهر ۾ پهتي هئي ۽ دهشت گردن جي گولين جو کاڄ بڻجي وئي. ريلي ۾ شريڪ غزالا صديقي به هئي جنهن کي هميشه سنڌين جي درد سک سان ويهڻ نه ڏنو ۽ اڄ پنهنجو پاڻ پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي حوالي ڪري هميشه لاءِ امر ٿي وئي. ريلي ۾ شهيد ٿيل سنڌياڻي ياسمين پليجو به هئي، جنهن شهادت جو جام پي سنڌ کي پرتي، سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ عبدالستار انڙ، غلام شبير بليدي ۽ ٻيا به آهن جن کي سنڌ 12 مئي واقعي ۾ شهيد ٿيل محمد نواز ڪنراڻيءَ وانگر ڪڏهن به وساري نه سگهندي. ڪاش اسان جا حڪمران 12 مئي واقعي مان سبق پرائين ها ۽ ان واقعي جي ڪردارن کي ظاهر ڪري سزائون ڏيارين ها ته شايد اڄ اسان جا سورهه سپوت پنهنجي ڌرتيءَ تي ائين نه قابضن هٿان نه ڪسجن ها، جيئن ڪراچيءَ ۾ 22 مئي تي ڪٺا ويا.
سنڌي ماڻهن کي تاريخ جي هن وڏي سانهي جنهن ۾ اسان پرامن نياڻين کي گولين جو بک بنايو ويو آهي مان سبق وٺي، پاڻ کي هن کان به وڌيڪ ڏکين حالتن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ تيار ٿيڻ گهرجن. هن سانحي بابت حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي دوستن ۽ دشمنن کي سڃاڻن گهرجي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهن هاڻي درست فيصلا نه ڪيا ته پوءِ اهي حالتون هاڻي رستن تان وڌي سندن گهرن تائين پهچنديون.
[email protected]

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close