قلم 144 جي باوجود پنجاب کان ڪڻڪ جي کلي عام آمد جاري
سکر(بيورورپورٽ) سنڌ ۾ 144 لاڳو هجڻ جي باوجود پنجاب کان ڪڻڪ جي درآمدي جو سلسلو کلي عام جاري آهي، ان ۾ فوڊ کاتي جا آفيسر ۽ اهلڪار به شامل آهن گذريل ڏينهن هڪ اطلاع تي ميڊيا جي هڪ ٽيم پاران روهڙي جي ويجهو باءِ پاس تي پهچي ڪري اتي قائم فوڊ کاتي جي گودام ٻاهران بيٺل ٽرڪن جي معلومات حاصل ڪئي ته خبر پئي ته اتي پهچندڙ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ سنڌ جي ڪنهن به شهر کان نه پر پنجاب جي شهر راجنپور، ڊيرا غازي خان ۽ ٻين علائقن کان آندا ويا هئا جنهن جي اطلاع ميڊيا جي ٽيم سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ موجود فوڊ کاتي پاران قائم ڪيل ويجيلينس ڪميٽي جي چيئرمين مير شاهنواز مگسي کي ڏني، جيڪو اتي پهچي ڪري ٽرڪ ڊرائيورن کان ان جي تصديق ڪئي ۽ اتي موجود فوڊ آفيسرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اتي پهچي پنجاب کان آندل ڪڻڪ جي سوين ٻورين سان ڀريل 20 کان وڌيڪ ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، ان موقعي تي روهڙي جي فوڊ انسپيڪٽر محمد علي شاه کي معطل ڪرڻ ۽ سکر جي ضلعي فوڊ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ان موقعي تي هن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پنجاب کان ڪڻڪ جي درآمدي تي پابندي آهي جنهن جي خلافورزي ڪرڻ وارن سان ڪا به رعايت نه ٿيندي، هن چيو ته ان ڪم ۾ ملوث فوڊ آفيسرن کي گهر موڪليو ويندو.