مختصر خبرون
صدرپارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 مئي جو طلب ڪري ورتو
اسلام آباد ; صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 مئي جي شام پنجين وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن کي ترڪ وزيراعظم رجب طيب اردگان خطاب ڪندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو آهي. ترڪ وزيراعظم پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور ڪندو. ان کان اڳ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي سندس ترڪي جي گذريل دوري دوران ترڪ پارليامينٽ کي خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويو هو