مختصر خبرون

سکر ۾ وفاقي محتسب اعليٰ کي فوري طور مقرر ڪيو وڃي

سکر(بيورورپورٽ)سول سوسائٽي سکر جي اڳواڻ ڊاڪٽر معين صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته 18 مهينن کان مقرر نه ڪيل وفاقي محتسب اعليٰ کي فوري طور مقرر ڪري عوامي بي چيني ختم ڪئي وڃي ڇوته وفاقي محتسب اعليٰ جي مقرر نه ٿيڻ سبب هزارين درخواستون التوا جو شڪار بڻيل آهن غريب ۽ بي پهچ ماڻهو انصاف جي انتظار ۾ ويٺا آهن هن چيو ته ملڪ اندر هن وقت سستو انصاف نه ملڻ ڪري عوام در در جو ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت ۾ شامل پارٽيون ٻه عوام لاءِ ڪجهه ناهن ڪري سگهيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button