سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي, اسين سجاڳ آھيون; وڏو وزير
خيرپور;سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مضبوط هٿن ۾ آهي سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي. هن چيو ته اسين سُجاڳ آهيون ۽ سياست کان چڱي طرح واقف آهيون. هن اهڙو اظهار راڻيپور لڳ ڳوٺ سرائي پيارو خان خاصخيلي ۾ اڳوڻي چيف ايڪنامسٽ ۽ سيڪريٽري مرحوم سرائي محمد علي خاصخيلي جي پوئنرن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيند ڪيو. هن چيو ته سنڌ صوبو مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ صوبي کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي. هن چيوته اسين سنڌي سُجاڳ آهيون ۽ سياست کان چڱي طرح واقف آهيون.
وڏي وزير چيو ته سرائي محمد علي خاصخيلي پيارو ماڻهو هو ۽ هوُ پنهنجي ڪم ۾ ماهر هو ۽ هن صوبي جي ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه راڻيپور لڳ ڳوٺ سرائي پيارو خان خاصخيلي ۾ مرحوم سرائي محمد علي خاصخيلي جي وفات تي سندس سوٽ سرائي فيض حُسين سان تعزيت ڪئي. بعد ۾ ڳوٺ حاجي محمد لائق راڄپر ۾ عطا حُسين راڄپر سان سندس پيءُ مرحوم حاجي محمد لائق راڄپر جي وفات تي تعزيت ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير پريس ڪلب خيرپور جي صدر خان محمد خان سان عيادت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور جي دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان علي بلوچ ۽ پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.