سکر

سامراج پاران خيبر پختون خواه، بلوچستان کان پوءِ هاڻي سنڌ جو رخ ڪيو آهي، جمعيت

Muhabbat Sindhسکر(بيورورپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پنهنجي وفد سان گڏجي ملاقات ڪئي ۽ ان کي سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ پاران 29 مئي تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي وفد ۾ سيد شاهه محمد شاهه، خالد شيخ ۽ ٻيا شامل هئا. جي يو آءِ طرفان محمد اسلم غوري، مولانا حليم الرحمان قريشي، قاضي فخر الحسن ۽ ٻيا شريڪ هئا. ٻنهي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سنڌ کي باهه ۽ خون ۾ڌڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهن سازشن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ويندو. گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ محبت ريليءَ تي فائرنگ ڏوڪريءَ ۾ هڪ پختون جو قتل ۽ سڪرنڊ ۾ بس تي حملي جي مذمت ڪئي ويئي. ۽ چيو ويو ته اسان سمجهون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي خلاف هڪ سازش جو حصو آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته سامراج پاران خيبر پختون خواه، بلوچستان کان پوءِ هاڻي سنڌ جو رخ ڪيو آهي. ۽ هو پنهنجي ايجنٽن جي ذريعي هتي لساني فساد ڪرائي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ ۾ رهندڙ نوان ۽ پراڻا سنڌي ڪڏهن به سنڌ دشمن منصوبن جو حصو نه بڻجندا، سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ وانگر حفاظت ڪندا. هنن سنڌ جي حڪمرانن کي چيو ته هو ان ۾ پنهنجي پوزيشن کي واضح ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button