سکر

روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بي قاعدگين جو وڌيڪ انڪشاف

Rohri railway stationسکر(بيورورپورٽ)روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بي قاعدگين ۽ من مانين جا وڌيڪ انڪشافات، ريلوي انتظاميه پنهنجو قانون ٺاهي ڪري ريسٽورنٽ سان گڏ 8 ڪائونٽر به الاٽ ڪيا آهن. 2 2 لکين روپين ۾ ڏنا ويا آهن. ريسٽورنٽ ۽ ڪائونٽر 5 لکن روپين ۾ وٺندڙ پارٽيءَ کي نظر انداز ڪيو ويو. لسي ۽ موبائل چارجنگ جا ڪائونٽر هڪ هزار روپيه ماهوار ريلوي کان وٺي ڪري 30 هزار روپيه ماهوار تي ڪرائي تي ڏنا ويا آهن. اسٽالن جي منصوبي جي تحت بند ڪري ڪائونٽرن جو نالو ڏيئي ڪري ڪرايو گهٽ ڪري ريلوي کي ماهوار لکين روپين جو نقصان پهچائڻ جو سلسلو جاري، ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ جي نشاندهيءَ بعد سياسي گروپ جي ڪارندن جي اهم ميٽنگ، ڪرپٽ آفيسرن جو ماهوار ڀتو وڌائڻ جو فيصلو، ذريعن ملڪن جي وڏي ريلوي اسٽيشن روهڙي تي کاڌي پيتي جي اسٽالن جي باري ۾ سياسي گروپ ۽ ريلوي انتظاميه جي مبينه ملي ڀڳت جا وڌيڪ انڪشافات سامهون آيا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته ريلوي سکر جي آفيسرن جي سياسي گروپ جي ڪارندن تي خاص مهربانين جي تسلسل سان گڏ جاري آهي. جنهن ۾ ريلوي انتظاميه تقريبن هڪ سال اڳ ليٽر نمبر 143-SAC/AUCT/ROH/3/2011 تحت سياسي گروپ کي ريسٽورنٽ نمبر 1 ۽ 2 سالياني 22 لک 60 هزار روپيه ڪرائي تي ڏنو ويو هو . جنهن ۾ کاڌي پيتي جا 8 ڪائونٽر به شامل آهن. جڏهن ته سياسي گروپ تي خصوصي مهربانيءَ سان 8 ڪائونٽرن جي بدران روهڙي اسٽيشن چئني پليٽ فارمن تي تقريبن20 ڪائونٽر لڳائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته انهن ڪائونٽرن جو ماهوار ڪرايو 12 هزار کان 15 هزار روپيه آهي. جيڪو ريلوي جي خزاني ۾ جمع ٿيندو آهي. جڏهن ته سياسي گروپ پاران اهي ڪائونٽر پيٽي ٺيڪيدارن کي هڪ لک 20 هزار روپين کان ڏيڍ لک روپيا ماهوار ڪرائي تي ڏنا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته ريلوي قانون ۾ صرف اسٽال موجود آهن. ڪائونٽرن جي ايجاد ڪجهه ڪرپٽ آفيسرن پاران پنهنجي کيسا گرم ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي. ٻئي طرف روهڙي اسٽيشن تي ڊگهي عرصي کان وينڊنگ ٺيڪيداري ڪرڻ وارن ماڻهو جو چوڻ آهي ته 22 لک 60 هزار روپين ۾ ڏنو ويندڙ ريسٽورنٽ ۽ ڪائونٽرن کي ساليانو 50 لک روپيا ڪرائي تي وٺڻ لاءِ تيار آهن پر سکر ريلوي انتظاميه سياسي گروپ کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ ڪنهن ٻئي ٺيڪيدار کي ريسٽورنٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ذريعن وڌيڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته ريلوي قانون ۾ لسيءَ جو ڪو به اسٽال نه هوندو آهي. پر گرمين ۾ ملڪ شيڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ پليٽ فارمن تي تختا لڳائڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. جنهن جو ريلوي کي ماهوار هڪ هزار روپيه ڪرايو جمع ڪرائڻو پوندو آهي. جڏهن ته انهيءَ سياسي گروپ انهن اسٽالن تي ملڪ شيڪ جي بدران غير معياري لسي وڪرو ڪندا آهن ۽ پيٽي ٺيڪيدارن کي 30 هزار روپيا ماهوار تي ڏنا آهن. اهڙي طرح موبائل فون چارجنگ ڪائونٽر به ريلوي کي هڪ هزار ماهوار تي وٺي ڪري 20 کان 25هزار روپيا ماهوار تي ڏنا ويا آهن. ذريعن اهو به ٻڌايو ته روهڙي ريلوي اسٽيشن تي اگر ڪنهن سياسي مخالف جو اسٽال هجي ته سياسي گروپ ريلوي آفيسرن سان گڏ ملي ڪري ان اسٽال سان گڏ ڪائونٽر لڳائي ڇڏيندا آهن ته جيئن ڪاروباري طور تي ان کي مفلوج ڪري سگهجي. اهڙي طرح اسٽال جو ڪرايو 2 کان 3 هزار روازنو ۽ ڪائونٽر جو ڪرايو صرف 400 روپيا روزانو مقرر ڪري بهتر آمدني ڏيندڙ اسٽالن جي مالڪن کي تنگ ڪري اسٽال ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ڪيترن ئي معاملات ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن تي گذريل 4 سالن جي دوران جاري آهن. ريلوي هيڊ ڪوارٽر جي ڪجهه راشي آفيسرن ۽ ريلوي سکر انتظاميه ۽ سياسي سرپرستي ڪندڙ گروپ کي ماهوار ڀتي ملڻ جي ڪري تمام بي قاعدگين تي متعلقه ماڻهن پاران اکيون بند ڪري رکيون آهن جنهن سان روهڙي ريلوي اسٽيشن کان ريلوي جي خزاني کي ماهوار ڪيترن ئي لکن روپين جو نقصان پهچي رهيو آهي. هتان جي محنت ڪشن نيب جي اعليٰ اختيارين کان روهڙي ريلوي اسٽيشن کان علاوه ريلوي سکر ڊويزن ۾ جاري بي قاعدگين ۽ ريلوي قانون کي نظر انداز ڪرڻ جي سلسلن جي فوري تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button