آرٽيڪل

حڪمرانن جي نااهليءَ جي سزا، عوام ڪيستائين ڀوڳيندو؟

زاهد راڄپر

zahid Rajpar
زاھد راڄپر
سنڌ جي حڪمرانن جي نااهليءَ سبب اڄ لياري ٻري رهي آهي. سنڌ جا هيءُ قديم رهواسي روز لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن جنهن ڪري هو جنهن پارٽيءَ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ به نه ڪيٻائيندا هئا اڄ مجبور ٿي لياري واسي پ پ ڇڏي رهيا آهن. پر اسان جي سنڌ جي حڪمرانن کي ڪابه سمجهه نه ٿي اچي، نه وري وٽن ڪا اهليت آهي جو اهي لياري جو مسئلو حل ڪري سگهن يا حل ان ڪري نه ٿا ڪرڻ چاهين جو کين لساني تنظيم کي ناراض ناهي ڪرڻو. سنڌ جو اهو الميو آهي ته سنڌ کي جيڪي سنڌي حڪمران ملن ٿا انهن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت ناهي، جنهن ڪري جمهوريت جي دعوي ڪرڻ باوجود به حڪمران لياريءَ سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن کي بندوق جي زور تي حل ڪرڻ چاهين ٿا، کانئن اها ڳالهه وسري وئي آهي ڀُٽي به بندوق جي زور تي بلوچن کي ماٺ ڪرائن جي ڪوشش ڪئي جنهن ڪري اڄ به بلوچ ڀُٽي خاندان کان سخت نفرت ڪن ٿا ۽ اهو ڏوهه اڄ تائين پ پ ڌوئي ته نه سگهي آهي، پر ان ڏوهه ۾ وري به اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي هالت هوندي به لياري جي بلوچن پ پ سان ناتو نه ٽوڙيو، پر اڄ وري سندن سر تي آهي. پر اسان جي حڪمرانن کان عقل الائي ڇو ڇڏائي ويو آهي ۽ اهي اقتدار جي انڌ ۾ انڌا ٿي ويا.
سنڌ جي اها بدقمستي رهي جو آهي جو سنڌ کي اهل حڪمران نه ٿا ملن. 15 صديون اڳ سنڌ ۾ پهرين ”سهائي گهراڻي“ بادشاهه قائم ڪئي پر ان بعد ٽي صديون تاريخ سنڌي حاڪم طبقن جي ڪمزور ترين حڪومتن جي تاريخ آهي، ڪلهوڙا دور خانه جنگين جو دور هيو، جنهن ۾ سنڌ اندر ڪجهه آبپاشي سڌارا آيا. ميرن جي راڄ سنڌ کي سياسي ۽ انتظامي جوڙجڪ جي حوالي سان سنڌ کي ڪتريون صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ سنڌ کي مضبوط ۽ متحد رياست بجاءِ ان کي ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائي قبائلي ۽ سرداري راڄ طرف ڌڪيو ۽ سنڌ انتظامي طور ٽڪرن ۾ ورهائي وئي. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ بعد قبائليت ۽ جاگيرداريءَ کي قائم رکيو، جيڪا اڄ تائين سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهن. سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ قومي هڪجهڙائي نه ٿي سگهي ۽ سازشن جي ور چڙهي مذهب جي بنياد تي ورهائجي ويا ۽ ان ۾ به ڪردار انگريزن سان گڏ جاگيردارن جو هو. 1936ع ۾ صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوءِ به سنڌي وڏيرن جي جاهليت، نااهلي، هٻڇ جي تاريخ نه وسرندڙ آهي، هنن سنڌ کي اڏڻ بجاءِ انگريزن جي چمچاگيري ڪرڻ هڪٻئي جا پڇير ڪڍڻ وزارتون وٺڻ ۽ ڊاهڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون وڃايون. پيپلز پارٽيءَ جي مالڪ وڏيرن جاگيردارن سڀ اختيار هجڻ باجود به سنڌي ماڻهن لاءِ عملن جيڪو ڪجهه کين ڪرڻ کپندو هو اهو نه ڪرڻ بجاءِ پنهنجا ڀڀ ڀري ٺٺ ڪيا. هينئر به مرڪز ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مضبوط حڪومت آهي، جيڪا سنڌي ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي وس ۾ آهي. جيڪڏهن چاهي ها ته ٻوڏ ۽ برسات جي لکين متاثر ماڻهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪري پئي سگهي، پر اتحادي ڌر جي دباءَ هيٺ پ پ ائين هن ڪري هڪ موقعو وڃائي سنڌي ماڻهن سان تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي. جيئن ائين ڪري ها ته سنڌ جي وڏن شهرن جو نقشو اڄ مٽجي وڃي ها ۽ وڏن شهرن ۾ ٽوپين ۽ پٽڪن وارا گهمندي نظر اچن ها. انتظامي لاپرواهي، ڇڙواڳي سبب سنڌ ۾ قبائلي ۽ شهري دهشتگردي عام آهي، جمهوريت هوندي آمريت وانگر سياسي مخالفن کي ڪچليو پيو وڃي. اڄ به جي اعلي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ داخلا جا دروازا بند آهن. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا پيا وڃن. ڪراچيءَ جي اصلوڪن رهواسين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وحدانيت کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، حڪومت دهشتگردن آڏو مڪمل بيوس ۽ لاچار آهي ۽ انهن جي رحم ڪر۾ آهي، جيئن اهي چون ٿا جي حضور ڪري سندن جائز ناجائز مطالبا مڃيا پيا وڃن. سنڌ جي گورنرشپ اهڙي ماڻهو وٽ آهي جنهن جا هٿ سوين بي گناهه ماڻهن جي هٿن سان رڱيل آهن، جيڪو ڪلهه ڊڪٽيٽر ۽ بي نظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث جنرل پرويز مشرف جو ساٿاري هو. اڄ به جبري طور غير قانوني قائم ڪيل ٿل ڪئنال وهايو پيو وڃي. اڄ به سنڌ جا لکين ٻوڏ ۽ برسات متاثر ماڻهو حڪمرانن جي بدانتظامي، لاپراوهي ۽ ڪرپشن جي سزا ۾ ذلتون برداشت ڪري رهيا آهن. اڄ به عوام ڊگهي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي. بيروزگارن جو انگ هزارن مان وڌي لکن کان ٽپڻ تي آهي. مهانگائي عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام کان جي اڪثريت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. عوام جي اڪثريت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. تعليم ۽ صحت جو معيار سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿي رهيو آهي. اسڪول بند ٿي رهيا آهن ۽ انهن جي عمارتن تي بااثرن جا قبضا جاري آهن. ڪاپي ڪلچر ناسور بڻجي ويو آهي. سنڌ جا شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. گندو پاڻي بدبودار ناليون، ٽٽل روڊ عوام جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي ۽ شهر توڙي ٻهراڙيون جنگي حالتن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. سنڌ جا اڪثر چونڊيل نمائينده ٻڙڪ ڪڇلڻ تيار ناهن، رڳو پير مظهر جي گهرواري جي پروموشن جي ڳالهه ڪرڻ تان هڪ ماروي راشد کي ڌمڪيون ڏنيو ويون ۽ سچ ٻڌڻ جي جرئت نه ساري سگهندڙ پير مظهر چڙي گڦ ٿي ويو. يعني حڪمرانن ۾ سچ ٻڌڻ جي سگهه ناهي. جڏهن ته سنڌ جي جهوني پارليامينٽرين ۽ پ پ جي ايم اين اي نيٺ حڪومت جي اهڙي غير جمهوري رويي کان بيزار ٿي سچ چئي ڏنو ته پ پ حڪومت جا سمورا وزير ڪرپٽ آهن. وزيرن ۾ انتظام هلائڻ جي اهليت نظر نه ٿي اچي. فقط پنهنجا نواز پاليسي جاري آهي جنهن سبب اهل ماڻهن جو حق ماريو پيو وڃي، حقدار ماڻهن ۾ مايوسي ڦهيليل آهي، حڪمرانن جي اهڙي بدانتظامي ۽ لاپرواهي ڪرپشن سبب سنڌ ۾ افراتفري، ڦرلٽ، ناانصافي، بدمعاشي عروج تي آهي ۽ ڪو ماڻهو پنهنجو مسقبل محفوظ نه ٿو سمجهي. حڪمران مهانگائيءَ تي ضابطو آڻي غريبن کي رليف ڏيڻ بجاءِ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن، شاهاڻن ۽ پروٽوڪول وارن خرچن ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن. ان باوجود به کين جمهوريت جي پٽڙي تان لهڻ ۽ وزيراعظم جي سزا جو فڪر کائي رهيو آهي، ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي ته سوئس بئنڪ ۾ اربين ڊالر ۽ سياستدانن، فوجي توڙي سول آفيسر شاهي، ڳجهن ادارن جا عملدار ارب پتي ڪيئن بڻيا؟ عوام کي چئن سالن جي هن به حڪومتي دور ۾ ڪابه تبديلي نظر ته نه آئي پر مسئلا وڌي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر ضرور آيا. ان ڪري عوام کي اهڙيون حالتن تي هاڻي سنجيدگيءَ سان سوچ گهرجي نه حڪمرانن هي نااهلين جي سزا ۾ پچندا ۽ رجهندا رهنداسين ۽ آخر عوام ڪيستائين حڪمرانن جي نااهليءَ جي سزا ڀوڳيندو رهندو؟
zahidrajparnf@gmail.com

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button