مختصر خبرون
جيئي سنڌ محاذ پاران سڀاڻي سکر۾ ريلي ڪڍي ويندي
سکر(بيورورپورٽ)جيئي سنڌ محاذ پاران سڀاڻي سکر۾ صبح 10 وڳي تير چوڪ کان گهنٽاگهر تائين حق خوداراديت ريلي ڪڍي ويندي جنهن جي اڳواڻي عبدالخالق جوڻيجو ڪندو ان ڏس ۾ دلبر ڀٽو ٻڌايو ته ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن هن سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪندي چيو ته ريلي جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن بابت آگاهي ڏيڻ آهي هوڏانهن هڪ اجلاس مرڪزي اڳواڻ هاشم کوسي جي صدارت هيٺ ٿيو جڏهن ته عبدالخالق جوڻيجو ،هاشم کوسو، سارنگ مهر،ياسين سنڌي ۽ ٻين سکر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي به خطاب ڪيو آهي