سکر

بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ خلاف جسقم جو ڌرڻو سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ھنيو ويندو: غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو

Bashir Khan Qureshiسکر(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ صحيح نموني نه ڪرائڻ خلاف اڄ سکرٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا، ان ڏس ۾ سکر جي ضلعي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ به ٻين شهيد ٿيندڙ اڳواڻن جي رپورٽن جيان ظاهر نه ڪري فائيلن ۾ بند ڪيون ويون آهن ساڳي ريت بشير خان قريشي جي به پوسٽ مارٽم رپورٽ حڪومت فائيلن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان حڪومت کي هر گز ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم صحيح نموني ڪرائي ۽ رپورٽ کي منظر عام تي آندو وڃي. هن چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ پاران اڄ سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي 12 وڳي منجهند لڳندڙڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ مان هزارين ڪارڪن ٻٻرلوءِ باءِ پاس پهچندا ان سلسلي ۾ ڪيترائي ٻين شهرن کان قافلا شرڪت لاءِ روانا ٿي چڪا آهن ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪندا ته بشير خان قريشي جو خون سنڌ جو عوام ائين لوڙهڻ نه ڏيندو. هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڏنو ويندڙ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ٻڌيءَ جو ثبوت ڏيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button