آرٽيڪل

بشير خان قريشي جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو سانحو

روشن سنڌي
Qureshiسنڌ جي وحدت ۽ جياپي لاءِ رتوديرو جي ھڪ عام نوجوان طور جڏھن ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان اھي نعرا بلند ٿيا سنڌ جو شان بشير خان، سنڌ جو ابو جھاد بشير خان ۽ پوءِ انھيءَ نوجوان مسلسل سنڌ سان اھڙو تھ پيار ۽ عشق ڪيو جو سندس ڪچھرين، رھاڻين ۾ لکين، ڪروڙين ماڻھو ان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳا، پر ھو روايتي ورڪرن ۽ ڪارڪنن کان انوکي سوچ رکندڙ ۽ ھر ھڪ سان ملڻ جلڻ جو جيڪو رستو رکيو اھو اھڙو تھ پيار ۽ پاٻوھھ جو ھيو جو ملڻ وارو سندس جي حلقا احباب ۾ رھندي ان جو دوست ۽ ساٿي بڻجي ويندو ھيو ۽ انھيءَ جي ڪچھرين ۽ رھاڻن جو مرڪز ۽ محور صرف ۽ صرف سنڌ ھئي ۽ انھيءَ سنڌ جي سچي عاشق سن جي سائين جي ايم سيد جون سڪون پئي لاٿيون، رتوديرو جي ننڍڙي ھڪ ڳوٺ مان نڪرندڙ نوجوان سنڌ جي جھرجھنگ وستي واھڻ سنڌ جي جياپي وحدت لاءِ اھڙو تھ پيغام عام ڪيو ۽ وستي واھڻ اھا ئي صدا لڳائي تھ سنڌ منھنجي جند آھي ۽ ڪيڏو بھ چاھي دشمن منھنجو ڊاھي نھ سگھندو نقشو سنڌ جو، وھندو رھندو رت اسان جو جيئي سنڌ جيئي سنڌ جا نعرا ھڻي انھيءَ مرد مجاھد سنڌ سان نينھن نڀايو، انھيءَ جي تعليم ھڪ اھڙي اداري مان ٿي ھئي، جيڪو سنڌ سان عشق جو مرڪز آھي ۽ انھيءَ سن جي تعليمي اداري مان ڌرتيءَ سان محبت جو اھڙو تھ جام پيتو ھيو، جيڪو ان جي دل ۽ دماغ ۾ ھميشھ قائم ۽ دائم ھيو، ھو سنڌ جي خلاف ڪابھ ٻولي ۽ زبان برداشت

بشيرقريشي سنڌ جي اندر وڌندڙ قبائلي جھيڙن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا ڪري جيڪو پاڻ نڀايو، انھيءَ جا شاھد سنڌ جا وڏا وڏا ناليوارا فيصلي ڪرڻ وارا وڏيرا پڻ اھو چون ٿا تھ ھيءُ ئي سنڌ جو سچو ۽ کرو پٽ ھيو، جنھن سياست ۾ پنھنجي سنڌ امڙ جي ماڻھن کي مٺ محبت جو سبق ڏنو ۽ سڀني کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ جيڪو پاڻ نڀايو

نھ ڪندو ھيو ڇاڪاڻ تھ ان جي رڳن ۾ ھڪ غيرتمند سنڌ امڙ جو سبق سمايل ھيو ۽ انھيءَ جيڪا بھ تحريڪ ۽ ھلچل ڪئي، انھيءَ ۾ سنڌ جي آجپي، خوشحالي، ترقي ۽ ان جي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ھيون، سنڌ جي ان جرنيل پٽ پنھنجي سنڌ امڙ لاءِ جيڪو فرض ادا ڪيو، اھو کليل ۽ سچ جي مبني اھڙو تھ پيغام ھيو، جيڪو صدين تائين قائم ۽ دائم رھندو ۽ انھيءَ جا اھي لفظ تھ جيڪو ماڻھو سچ چوي ٿو، سو ئي ماڻھو لک لھي ٿو ۽ منھنجو ھر ھڪ ماڻھو لک برابر آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو سچ جي ٻولي ڳالھائي ٿو ۽ سچ جو ساٿ ڏي ٿو، بشير خان قريشي سنڌ جي چپي چپي ۽ انچ انچ جي حفاظت سان گڏوگڏ سنڌ جي لوئي ۽ لڄ جي محافظ طور جيڪي خدمتون ڪيون، پوءِ عمران جوکيو ھجي يا فضيلا سرڪي انھن جي ڏک ۾ برابر شريڪ رھيو ۽ عملي طرح انھيءَ سنڌ جي اندر وڌندڙ قبائلي جھيڙن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا ڪري جيڪو پاڻ نڀايو، انھيءَ جا شاھد سنڌ جا وڏا وڏا ناليوارا فيصلي ڪرڻ وارا وڏيرا پڻ اھو چون ٿا تھ ھيءُ ئي سنڌ جو سچو ۽ کرو پٽ ھيو، جنھن سياست ۾ پنھنجي سنڌ امڙ جي ماڻھن کي مٺ محبت جو سبق ڏنو ۽ سڀني کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ جيڪو پاڻ نڀايو، اھو تاريخ ۾ ڪڏھن بھ فراموش نھ ٿو ڪري سگھجي ۽ ان جي ڪوششن سبب سنڌ جي اندر ڪيترين ئي برادرين اندر قبائلي جھيڙن جو خاتمو ٿي سگھيو ۽ اھو ناسور ۽ ڪينسر جي مرض برابر برادرين جي جھيڙن وارو سلسلو ڪيتري حد تائين پڄاڻيءَ تي پھتو، انھيءَ مانجھي مڙس سنڌ جي سچي عاشق پنھنجي ورڪرن ۽ ڪارڪنن سان گڏوگڏ لکين سنڌي عوام سان جيڪو 23 مارچ ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڻ ملھايو، اھو صدين تائين ياد ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ بغير ڪنھن لالچ ۽ لوڀ جي لکين ماڻھن کي ھڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪري سنڌ جي خوشحاليءَ، عزت، آجپي ۽ وحدت لاءِ جيڪو منصور جو آواز گونجايو ھيو، اھو ھڪ اھڙو پڙاڏو ھيو، جيڪو سنڌ جي دشمنن ۽ ويرين کي پسند نھ آيو ۽ انھن انھيءَ عظيم سنڌ جي ارڏي پٽ کي سازشن ذريعي پنھنجي راھھ تان ھٽائڻ لاءِ جيڪا ناپاڪ سازش ڪئي،

انھن مطابق تھ اسين شايد ھڪ بشير قريشي کي راھھ تان ھٽائي سنڌ جي آواز کي ھميشھ لاءِ ختم ڪيو، پر شايد انھن بي ضمير سازشي عنصرن کي اھو معلوم نھ آھي تھ احساس محرومي ئي ڪيترن بشير قريشين کي جنم ڏيندي رھي ٿي، جيڪڏھن سنڌ جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ منصور جي آواز کي اھڙي نموني ٻنجو ڏنو ويو تھ اھو نھ صرف سنڌ لاءِ وڌيڪ احساس محروميءَ جو باعث بڻبو، بلڪھ پوري قوم لاءِ ھڪ ميڻو بڻبو ۽ پوري قوم اھو سوچڻ تي مجبور ٿيندي تھ آخر اھي ڪھڙا ھٿ آھن، جيڪي ڪڏھن 4 اپريل تي، تھ ڪڏھن 27 ڊسمبر تي ۽ 20 سيپٽمبر تي، تھ ڪڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليم يافتھ نوجوانن کي ٺوڙھي ڦاٽڪ جي کليل ميدان تي گولين جو کاڄ بڻائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ وري سرائي قربان کھاوڙ ۽ ان جي ساٿين کي گولين سان پروڻ بڻائي اتي ئي باھھ ۾ ساڙي آخر ڪھڙي ڳالھھ جي غلطي جي ايڏي سزا ڏني وڃي ٿي، جيڪڏھن ڪو گھر ھجي ۽ ان جي جيجل ماءُ ھجي ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڪو آواز بلند ڪري تھ اھو ڏوھھ ڪيئن ٿي سگھي ٿو ۽ سڀ کي معلوم آھي تھ سنڌ اسان جي ماءُ آھي ۽ ماءُ جي خلاف جيڪڏھن ڪا زبان ۽ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا تھ اھي اسان جي سنڌ جا سڄڻ ڪيئن ٿي سگھن ٿا ۽ جيڪڏھن سنڌ امڙ جي فرزندن کي واري واري ماريو ويندو تھ پوءِ ھيءُ احساس ڇا سنڌ جي اندر احساس محروميءَ کي جنم نھ ڏيندو تھ ڇا ڪندو؟، سنڌ امڙ سان نينھن نڀائڻ جي حوالي سان بشير خان قريشي جو وچن، سوچ ۽ ان جي صوفياڻي انداز واري ھلچل تحريڪ اھڙو تھ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو جو عالمي نشرياتي ادارن پڻ نيوز جي حوالي سان اھو ٻڌايو تھ پاڪستان ۾ ڪراچيءَ جي اندر 23 مارچ وارو ڌرڻو تاريخ جو ھڪڙو وڏو ۽ مقبول احتجاج ۽ ڌرڻو ھيو، ان جي ڪاميابيءَ جي پويان يقينن سنڌ جي عاشقن جو ڪردار ھيو ۽ اھو بشير خان قريشي جي روپ ۾ دنيا ڏٺو تھ ھيءُ ڪھڙو تھ مست ۽ ملنگ سياسي اڳواڻ آھي، جيڪو پنڌ سردي، گرمي ڌرڻن ۾ عوام سان عوامي مسئلن جي حل لاءِ اڳ کان اڳرو آھي ۽ ان جو اھو عمل تاريخ ۾ صدين تائين ياد ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ بشير قريشي ھڪ عام نوجوان ۽ ورڪر طور جيڪو ڌرتيءَ لاءِ لوچيو ۽ سوچيو، ان لاءِ اڄ رتوديرو باءِ پاس وٽ جيڪا قبر آھي، اھا پڻ ھڪ آواز ٿي ڏي ۽ ٻڌي ۽ متحد ٿيڻ جو درس ٿي ڏي تھ سنڌ جي آجپي، وحدت لاءِ سڀ گڏ ٿي وڃون، جيڪڏھن سنڌ قوم متحد ۽ منظم آھي تھ پوءِ سازشي ٽولا پنھنجي موت پاڻ مري ويندا ۽ بشير قريشي ان روپ ۾ توھان سان ھر وقت گڏ آھي، ڇاڪاڻ تھ بشير قريشي مرڻو نھ آھي، پر ھو ويس ورائي ورڻو آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button