اسلام آباد

ايمن الظواھري جي پاڪستان ۾ موجودگي جو علم نه آھي، آمريڪا معلومات شيئر ڪري:حنارباني کر

Hina Rabbani Kharاسلام آباد: پرڏيهي وزير حنا رباني کر واضع ڪيو آهي ته ايمن زواهري جي پاڪستان ۾ موجودگي جو علم نه آهي آمريڪا معلومات شيئر ڪري نيٽو سپلاءِ بحالي جي حوالي سان پرڏيهي وزارت کي عالمي پابنديون لڳائڻ متعلق ڪوئي علم نه آهي پارلياماني سفارشن جي روشني ۾ آمريڪا سان ڳالهيون شروع آهن ناڪامي جو تاثر ڏيڻ درست نه آهي.
سومر تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي حنا رباني کر چيو ته پرڏيهي وزارت پارليامينٽ جي سفارشن جي گائيڊ لائن جي مطابق ڪم ڪري رهي آهي آمريڪا سان ابتدائي ڳالهيون ٿي رهيون آهن تنهن ڪري هي تاثر ڏيڻ درست نه آهي ته ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو عمل هڪ ڏينهن ۾ نتيجا ڏيندڙ ثابت نه ٿو ٿي سگهي. پارلياماني سفارشن تي آمريڪا ۽ پاڪستان جو پنهنجو پنهنجو موقف آهي ٻنهي ملڪن کي اتفاق راءِ لاءِ وقت گهربل آهي پاڪستان جي ترجيح آهي ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين جي ميز تي ڪڍجي پرڏيهي وزارت چيو ته ڊرون حملا پاڪستان جي خود مختياري جي خلاف آهن انهن مان فائدي بدران نقصان ٿي رهيو آهي
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button