سکر جي عوام کي آرٽس ڪائونسل ڏيئي رھياآھيون: سسئي پليجو
سکر(بيورورپورٽ) صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو سنڌ اندر آرٽس ڪائونسل قائم ڪري رهيا آهيون ۽ 15 نيون لائبريريون آڻي رهيا آهيون، سکر جي عوام کي به آرٽس ڪائونسل ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ ميوزيم حال، آڊيٽوريم ميوزيم اڪيڊمي به هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل جي هلندڙ ترقياتي ڪم جو معائنو ڪرڻ دوران ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ تعمير ٿندڙ آرٽس ڪائونسل 8 ڪ روڙ 10 لکن روپين جو منصوبو آهي ۽ ان جي سکر ۾ سخت ضرورت هئي جنهن کي 2013 جي جون تائين مڪمل ڪيو ويندو، سکر ۾ تعمير ٿيندڙ آرٽس ڪائونسل هال جو نالو مرحوم نالي وارن صحافين ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي يا مولائي شيدائي جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، هن چيو ته جيڪي آرڪيالوجي جڳهون آهن انهن جي کوٽائي ڪئي آهي ۽ انهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ فنڊ رکنداسون ۽ ان لاءِ اسان نئين پاليسي آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته لاکڙين جي دڙي جي شاه لطيف يونيورسٽي کوٽائي ڪرائي آهي ۽ ان ۾ پيش رفت ٿي آهي ۽ موهن جو دڙو ۽ اروڙ ۾ آرڪيالوجي کاتي پاران ڪم ڪرائي ان ۾ بهتري آڻينداسون، هن چيو ته گهوٽڪي ۾ 2 لائبريريون قائم ڪيون آهن ۽ سکر ۾ وڌيڪ لائبريريون قائم ڪيون وينديون، هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ٻن قسمن جي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مختلف ڌريون ملوث آهن ۽ حڪومت ان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ جلد ئي ان تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.