ڪراچي

توهين عدالت ڪيس ۾ وزيراعظم مجرم قرار

Pm contempt guiltyڪراچي (نيوز ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جو آخري فيصلو ٻڌائيندي وزير اعظم پاڪستان يوست رضا گيلاني کي عدالت جي توهين واري ڪيس ۾ مجرم قرار ڏيندي عدالت برخاست ٿيڻ تائين عدالت ۾ ويهڻ جي سزا ڏني آهي. تفصيل موجب ملڪ جي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني کي اين آر او مقدمي ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس کي منهن ڏيڻو پيو. 13 فيبروري تي عدالت وزيراعظم تي باقائده فرد جرم لاڳو ڪيو هيو.ان ڪيس ۾ وزير اعظم ٽي ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿيو.جڏهن ته اڱاري جي ڏينهن عدالت فيصلو محفوظ رکندي 26 اپريل تي وزير اعظم کي پاڻ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو هيو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. جنهن تحت وزيراعظم 30 سيڪنڊ عدالت ۾ ويهڻ جي سزا حاصل ڪئي، عدالت جي سزا ختم ٿيندي ئي وزيراعظم مسڪرائيندي عدالت مان ٻاهر نڪري آيو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي توهين عدالت ڪيسن جي تاريخ ۾ هيءَ گهٽ ۾ گهٽ سزا آهي. ان جرم جي باقائده سزا ڇه مهينا قيد جي سزا آهي. عدالت موجب وزيراعظم ڄاڻي واڻي عدالت تان ٺٺول ڪئي هئي. هوڏانهن پ پ جي جيالن هن ڪيس جي فيصلي کي حق جي فتح قرار ڏنو آهي. هوڏانهن سماجي ويب سائيٽن ۽ ميڊيا ۾ ان ڳاله تي بحث شروع تي ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني کي آرٽيڪل 63 ون تحت توهين عدالت جو مجرم قرار ڏنو ويو آهي. جنهن تحت يوسف رضا گيلاني نه اسيمبلي ميمبر رهيو آهي ۽ نه اسيمبلي ميمبر رهيو آهي نه وزير اعظم.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button