خيرپور

سماجي اداري پاران شاگردن ۾ سرٽيفيڪيٽ تقسيم ڪيا ويا

Certificate distributionخيرپور: خيرپور ۾ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري مئڪزيمم ڊوالپمينٽ آرگنائزيشن(ايم ڊي او) پاران ڪمپيوٽر ۽ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جو ڪورس ڪندڙ پهرين بيچ جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب ايم ڊي او جي آفيس، لڳ چانڊيا موڙ تي ٿي گذري.ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي سربراهه ۽ تقريب جي خاص مهمان نذير احمد اڄڻ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽفڪيٽ ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي خيرپور جي ناليواري سماج سڌارڪ نذير احمد اڄڻ چيو ته ايم ڊي او جي ٽيم محدود وسيلن سان ٿوري عرصي ۾ خيرپور اندر ڪمپيوٽر جي تعليم جي ترقي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته سرندي وارن ماڻهن ۽ سرڪاري ادارن کي ايم ڊي او جهڙن ادارن جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن ادارن جي وسيلي غريبن جا ٻار به ڪمپيوٽر ۽ انگريزي ٻوليءَ سکي سگهن. تقريب ۾ ايم ڊي او ۾ ڪورس ڪندڙ شاگردن جي والدين ۽ آس پاس جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button