موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي: نثار احمد کهڙو
خيرپور : وقتي گورنر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته انسان سڄي زندگي مختلف ذريعن کان علم جي اُڄ اُجهائيندو رهي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اهڙو اظهار هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڇهين ڪانووڪيشن ۽ سلور جوبلي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي گذريل 25 سالن کان علائقي واسين کي اعلى تعليم جهڙي زيور سان نوازي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جا صوبي جي مختلف ضلعن اندر ڪئمپس قائم ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جا نوشهروفيروز ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪئمپس کوليا ويندا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي قائم مقام چيو ته يونيورسٽي شاگردن کي ڪانووڪيشن ۾ سندن والدين جي موجودگي ڊگري ۽ ميڊل ڏيڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن شاگردن کي ۽ يونيورسٽي انتظاميه کي ڪانووڪيشن منعقد ڪرائڻ جون واڌايون ڏيندي چيو ته نوجوان مسقبل جا معمار آهن جن کي معاشري اندر بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن ڪانووڪيشن ۾ ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصله افزائي ڪندي چيو ته کين اڳتي وڌڻ لاءِ اعلى تعليم جي حصول لاءِ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پڻ پاڻ پتوڙڻ گهرجي. يونيورسٽي جي چانسلر ۽ وقتي گورنور نثار احمد کهڙو چيو ته اسانجي قوم موجوده صورتحال ۾ مختلف مسئلن جي حل لاءِ پڙهيل لکيل نوجوانن کي پنهنجو بهتر ڪردار اد ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي ڪمپيوٽر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ، بزنس ائڊمنسٽريشن جهڙن شعبن ۾ تعليم حاصل ڪري سماج اندر بهتري آڻي سگهن ٿا. وقتي گورنر چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي مختلف اسڪيمن جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران منظور ٿيل گرانٽ کي جاري ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون وينديون. بعد ۾ وقتي گورنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي صوبي اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ پنج سال پورا ڪندي ۽ جڏهن ته صوبي اندر لوڪل گورنمينٽ جي حوالي سان اقتداري ڌُرين سان مشاورت کانپوءِ جيڪو گڏيل طور تي فيصلو هوندو اهو قابل قبول هوندو. ان موقعي تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر خطاب ڪندي چيوته يونيورسٽي کي 25 سالن جو ڊگهو ۽ ڏکيو سفر طئي ڪيو آهي جڏهن يونيورسٽي اندر شعبن کي جديد بڻائي شاگردن کي معياري تعليم مهيا ڪئي پئي وڃي. وائيس چانسلر چيو ته 1976 ۾ پراڻي ممتاز ڪاليج ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڪئمپس قائم ڪيو ويو هو ان وقت پهرين بئچ ۾ 90 شاگرد هئا جڏهن ته هاڻي 27 مختلف شعبن ۾ 7000 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. وائيس چانسلر وزيراعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران يونيورسٽي جي مختلف اسڪيمن گرانٽ منظور ڪرڻ جو شُڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران يونيورسٽي اندر شهيد بينظير ڀُٽو چيئر لاءِ ڏهن ملين ۽ ماڊل اسڪول لاءِ ڏهن ملين منظور ڪيا ويا آهن جڏهن ته شڪار پور ڪئمپس لاءِ 100 ملين روپيا منظور ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران منظور ٿيل رقم مان 62 ملين روپين کي پڻ جلد رليز ڪيو ويندو ته جيئن يونيورسٽي اندر مختلف اسڪيمن جو ترقياتي ڪم وقت سر پورا ٿي سگهندا. ان موقعي تي يونيورسٽي جي باني وائيس چانسلر ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه پڻ خطاب ڪيو. جڏهن خطاب کان اڳ وقتي گورنر ۽ قائم مقام چانسلر نثار احمد کهڙو مختلف شعبن ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪندڙ 16 کي پي ايڇ ڊي ، 06 کي ايم فل ۽ مخلتف شعبن ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ 6 کي گولڊ ميڊل، 50 کي سلور ميڊل ڏنا ويا جڏهن ته 407 کي ايم ايس سي، ايم اي، ايل ايل بي، بي اي، بي ڪام، ايم ڪام، بي بي اي، ايم بي اي، ايم پي اي ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ تعليم مڪمل ڪندڙن شاگردن ۽ شاگردين کي ڊگريون ڏنيون ويون. ان موقعي تي يونيورسٽي جي اڳوڻن وائيس چانسلرن، پروفيسر ڊاڪٽر آر اي شاهه، پروفيسر پير ابراهيم شاهه بُخاري، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر اي آر ملڪ کي يونيورسٽي جي سلور جوبلي تقريب جي موقعي تي کين يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. جڏهن ته ڇهين ڪانووڪيشن جي موقعي تي سکر ڊويزن جي ڪمشنر انعام الله خان ڌاريجو، ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ، آءِ بي اي سکر جو ڊائريڪٽر نثار احمد صديقي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جي ميمبرن، مختلف فئڪلٽين جي ڊينز، چيئرمين ، آفيسرن ۽ ڊگري وٺندڙ شاگردن پنهنجن والدين سان گڏ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.