ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت کي نه ٿو گهٽائي سگهجي: ڪوثر ٻرڙو
خيرپور : ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو چيو آهي ته موجوده دور ۾ ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جي هوندي به ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت نه گهٽجي سگهي آهي جنهن جو ثبوت ٻڌندڙ پاران ريڊيو جي مختلف پرگرامن جي حوالي سان پيغام ۽ خط موڪليا وڃن ٿا. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان خيرپور گذريل 29 سالن ۾ ڪيترائي فنڪار، اداڪار ۽ براڊ ڪاسٽر پيدا ڪيا آهن جيڪي سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. هن اهڙو اظهار ريڊيو پاڪستان خيرپور جي 29 سالگرهه جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر ٻرڙو چيو ته ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات جلد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڪوششن ۽ مالي سهڪار سان ميڊيم ويوز تي شروع ڪئي ويندي ۽ ريڊيو جا ملازم پنهنجون ذميواريون نڀائيندي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن جن جي ڪوششن سان ريڊيوجي ٻڌندڙن لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن جن کي نه صرف ٻڌندڙ دلچسپي سان ٻڌن ٿا پر فون ڪال ڪري حصو وٺي پنهنجي راءِ جو اظهار پڻ ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ريڊيو پاڪستان اندر مختلف ماڻهن جي سهڪار سان ريڊيو جي مشهور فنڪارن، صداڪارن ۽ اداڪارن جي ياد گار تصويرن جي هڪ گئلري پڻ قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ريڊيوپاڪستان جي 29 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ يادگار سوونيئر پڻ شايع ڪيو ويو آهي ۽ گڏو گڏ سالگرهه جا گذريل هفتي کان خصوصي پرگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور صاحب خان ڀنڊ تقريب کي خطاب ڪندي چيوته موجوده دور ۾ به ريڊيو عوام جي لاءِ انفارميشن ۽ انٽرٽينمينٽ جو واحد سستو ذريعو آهي هن چيو ته ميڊيا جي هن جديد دور ۾ جتي ماڻهن کي ڄاڻ ۽ تفريح جي فراهمي لاءِ ڪيترائي ٽي وي چينل، انٽرنيٽ ۽ اخبارون موجود آهن پر ريڊيو پنهنجي اهميت برقرار رکندو پيو اچي هن ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙو ۽ ريڊيو ملازمن کي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي 29 سالگرهه جي موقعي تي مبارڪ ڏيندي وڌيڪ چيوته ريڊيو خيرپور تان متعارف ٿيندڙ فنڪارن، اداڪارن، صداڪارن ۽ براڊ ڪاسٽرن ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي وڏو نالو ڪمايو آهي ۽ صدارتي ايوارڊ پڻ ماڻيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ريڊيو تي نشر ٿيندڙ مختلف پروگرامن توڙي ميڊيا جي مختلف ذريعن کان ضلعي جي عوام جي مختلف مسئلن بابت سنڌ اطلاعات کاتي خيرپور پاران ضلعي، ڊويزن توڙي صوبائي سطح جي لاڳاپيل اعلى اختيارين کي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ آگاهي ڏني ويندي آهي. ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي يونائيٽيڊ اسٽاف آرگنائيزيشن سي بي اي خيرپور جي اڳواڻ محمد ملوڪ کوسو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو بعد ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي29 هين سالگرهه جي موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙو، ضلعي اطلاعات آفيسر صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.