خيرپور شهر ۾ 17 مارچ 2012 تي خيرپور فيسٽيول 2012 منعقد ڪيو پيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
خيرپور :ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته خيرپور ضلعي جي عوام کي تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه خيرپور پاران هن سال به خيرپور شهر ۾ 17 مارچ 2012 تي خيرپور فيسٽيول 2012 منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو جڏهن ته فيسٽيول جي اختتامي تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني مهمانِ خاص هوندي. جڏهن ته 17 مارچ کان شروع ٿيندڙ هڪ هفتي تائين هلندڙ خيرپور فيسٽيول جي مختلف پروگرامن ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جا وزير ۽ خيرپور ضلعي سان واسطو رکندڙ چونڊيل عوامي نمائندا شرڪت ڪندا. ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته خيرپور فيسٽيول 2012 جا مختلف پروگرام ۽ مختلف تقريبون ڪرنل شاهه هاسٽل گرائونڊ، گورنمينٽ وومين ڪاليج، شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر، گورنمينٽ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور، سچل آڊيٽوريم، ممتاز گرائونڊ، لقمان هاڪي گرائونڊ خيرپور ۽ ٻين جاين تي منقعد ڪيون وينديون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته خيرپور فيسٽيول جي سلسلي ۾ اسڪائوٽس ريلي، فلاور شو، زرعي، سائنسي ۽ مصوري نمائش، هارس اينڊ ڪيٽل شو، ڪتابي ميلو، مينا بازار، دستڪاري ۽ هٿ جي هنر سان ٺهيل مختلف شين جا اسٽال، وومين هاڪي ٽورنامينٽ، فُٽبال، ڪوڏي ڪوڏي، ملاکڙو ۽ ٻين راندين جي مختلف مقابلن سان گڏو گڏ حڪومت جي مختلف کاتن پاران پنهنجي لاڳاپيل کاتي متعلق مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويندا ان سلسلي ۾ صوبي جي مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي لاڳاپيل ضلعي جي حوالي سان نمائشي اسٽال هڻڻ جون دعوتون پڻ موڪليون پيون وڃن. جڏهن ته راندين جي سلسلي ۾ 11 هين مارچ کان ممتاز گرائونڊ تي ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئشن خيرپور، سنڌ اسپورٽس بورڊ ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪاميٽي خيرپور پاران سيڪنڊ آل پاڪستان شهيد بينظير ڀٽو فوٽبال ٽورنامينٽ ۽ ساڳي ڏينهن تي لقمان هاڪي گرائونڊ تي پهرين شهيد بينظير ڀٽو وومين هاڪي ٽورناميٽ پڻ منعقد ڪئي ويندي. جنهن جي مختلف مقابلن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ فوٽبال ۽ هاڪي ڪلبن جو ڪيتريون ئي ٽيمون حصو وٺنديون. جڏهن ته گورنمينٽ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بوائز ايسوسيئشن خيرپور پاران ٽئين شهيد بينظير ڀُٽواسڪائوٽس ريلي منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن مان مختلف اسڪائوٽس شرڪت ڪري اسڪائوٽس جي مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺي قوم سان ٻڌي ۽ ايڪي جو اظهار ڪندا. ان موقعي تي خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران پڻ مختلف ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون ان سلسلي ۾ خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران مشاعرو، ادبي ڪانفرنس، اسٽيج ڊرامو ۽ موسيقي جي مختلف پروگرامن کي پيش ڪرڻ لاءِ پڻ تياريون ڪيون پيون وڃن.