موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سکر بئراج جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرايو ويو آهي، قائم علي شاھ
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل جي ڀاءُ ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي فوتي ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي ايثال روح کي ثواب لاءِ دُعاِ مغفرت پڻ گهري وئي. ان کان اڳ چاليهي جي موقعي تي سنڌ جو گهرو وزير منظور حُسين وساڻ، ايم اين اي پير فضل علي شاهه، ڪمشنر سکر انعام الله ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي غلام النبي ميمڻ، اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگي، ۽ ٻين کاتن جي مختلف کاتن جي عملدارن، سياسي سماجي شخصيتن، اديبن ۽ صحافين مرحوم ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي چاليهي ۾ شرڪت ڪري سندس پوئنرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني محلي ۾ مرحوم غلام محمد لوڌي جي وفات تي سندس پوئنرن ، ڪوٽ ڏجي ۾ ايم بي عباسي سان سندس گهرواري جي وفات ۽ ٽنڊو مستي خان ۾ اڳوڻو ايم پي اي قادربخش مري جي وفات تي سندس پُٽ شمشاد مري سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان ڪمشنر سکر انعام الله ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر محمد عباس بلوچ ۽ مختلف کاتن جا عملدار، پيپلز پارٽي جا ضلعي عهديدار ساڻس گڏ هئا. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته صحت، تعليم جي بهتري ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون ويون آهن. وڏي وزير سکر بئراج جي سار سنڀال جي حوالي سان پُڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سکر بئراج جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرايو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هن سال ڪنهن به امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي پوري صلاحيت سان منهن ڏنو ويندو. ڪراچي جي امن امان جي صورتحال جي حوالي سان مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي پئي وڃي جڏهن ته ڪراچي ۾ مختلف واقعن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نالو ڏيڻ مناسب ناهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ هر قسم جي ڪلنگ جو خاتمو آندو ويندو.