چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جساف پاران ٻاهتر ڪلاڪن لاءِ ڪيل بک هڙتال جاري
خيرپور: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائس چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جساف پاران ٻاهتر ڪلاڪن لاءِ ڪيل بک هڙتال جاري سندن بک هڙتالي ڪيمپ تي استاد، سماجي اڳواڻ به حمايت ۾ ويٺا خبر موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائس چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جساف پاران ٻاهتر ڪلاڪن لاءِ ڪيل بک هڙتال سيشن ڪورٽ ۽ پريس ڪلب اڳيان جاري سندن بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل جساف جي شاگردن صفدرتنيو، ميرحسن لاشاري، محبوب بڙدي، جي ايم سيال، عادل لنڊ ۽ ٻين سان گڏ جسقم ضلع خيرپور جو صدر امجد مهيسر، جساف جو نائب صدر امتيازجسڪاڻي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جا استاد، سماجي اڳواڻ به حمايت ۾ ويٺا. جڏهن ته بک هڙتال تي ويٺل شاگردن صفدر تنيو، ميرحسن لاشاري، محبوب بڙدي، جي ايم سيال، عادل لنڊ، امجد دستي، جي ايم کوسو، صدام ملاڻو ۽ آصف لکڻ جو بلڊ پريشر گهٽجي وڃڻ سبب کين ڊاڪٽرن ڊرپون لڳايون. جڏهن ته ان موقعي تي بک هڙتال تي ويٺل شاگردن چيوته حڪومت سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ نااهل ڪرپٽ رٽائرڊ ڪاموري کي مقرر ڪيو آهي. جنهن سبب سنڌ جي مادر علمين جو ماحول ۽ تعليم تباهه ٿي رهي آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونئن به نه ٿي چري. هنن چيوته سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر نظير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا تائين جدوجهد جاري رهندي.