ڄامشورو

ڪميونٽي مڊ وائف جي ڀرتي لاءِ انٽرويو 19 جنوري تي منعقد ڪيا ويندا

EDO Healthڄامشورو: ضلعي صحت آفيسرصحت کاتو ضلع ڄامشورو ڊاڪٽر منور علي شاه پڌرو ڪيو آهي ته ڪميونٽي مڊ وائف جي ڀرتي لاءِ انٽرويو 19 جنوري تي اي ڊو صحت ڄامشورو جي دفتر ۾ منعقد ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اها چوٿين ڀرتي آهي، جنهن تحت ڳون ۾غيرتربيت يافته داين ذريعي ويم جي رجحان کي ختم ڪرڻ ۽ تربيت يافته داين (مڊوائفس) ذريعي ٻارن جي پئدائش جي مرحلي بابت آگاهي ڏيڻ انهن جي صلاحيتن کي پڻ وڌائڻ لاءِ اهي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن ته جيئن ماءِ ۽ ٻار جي موتن تي ضابطو آڻي سگهجي،ڀرتي جا فارم دفتر ۾ موجود آهن.ڊاڪٽرمنور شاه انهي سلسلي ۾ معززين ۽ ٻين فردن کي گذارش ڪئي آهي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڇوڪرين کي هن سلسلي ۾ متوجه ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ يونين ڪونسل جهانگارا،ٽلٽي ،چنه بوبڪ، مول،تونگ، سري ،ٿاڻوعارب خان، منّظورآباد،مانجهند،اي بي شورو،سون ولهار ٽي ۽ موڙو جبل شامل آهن.
ضلعي صحت افيسر ڊاڪٽر منور علي شاه جي هدايتن جي روشني ۾ تعلقه صحت آفيسر ڪوٽڙي ڊاڪٽر شاهده ميمڻ آگاهي ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته پوليو جي ڪريش پروگرام تحت پڻ ڪوٽڙي تعلقي ۾ 7 کان 31 ڊسمبر 2011 تائين ڊفالٽر۽ رفيوزل ڪيسن کي شامل ڪندي،10 ميڊيڪل آفيسرن،12 ويڪسينيشن. 150 ليڊي ورڪرن سان مقرر هدف حاصل ڪيو ويو،1800 کان وڌيڪ ڊفالٽر ۽ 300 رفيوزل ڪيسن کي ويڪسين ڪيو ويو جڏهن ته اهو ڪريش پروگرام هر مهيني پڻ منعقد ڪيو ويندو،ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر منور شاه پڻ انهي سلسلي ۾ جائزو وي رهيو آهي.
ايندڙ اجلاس ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڻاصر عباس سومر جي زير صدارت جنوري 10 تي صبح جو يارهين وڳي سندس دفتر۾ ٿيندو،جتي پڻ ڊپٽي ڪمشنر سڀني واسطيدار آفيسرن سان گڏجي ايندڙ امڪاني آفتن وغيره کي منهن ڏيڻ بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِغور ويچار ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button