پير پاڳارو محب وطن ۽ شفيق سياستدان هو: سيد غضنفر شاه موسوي
سکر (بيورورپورٽ) مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ سيد غضنفر شاه موسوي چيو آهي ته حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جي وفات سان جيڪو ملڪي تاريخ جي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان جو صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي پير سائين پاڳاري جهڙيون عظيم هستيون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن لاءِ پير سا ئين پاڳاري جو نالو ملڪي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، هن چيو ته پير پاڳارو محب وطن ۽ شفيق سياستدان هو ۽ ان کان ملڪ جي ناليوارا سياستدان دعائون ۽ مشوره وٺڻ ايندا هئا، ان جي وفات سان ملڪي سياست کي وڏو نقصان پهتو آهي موجوده ملڪي حالتن جي تناظري ۾ پيرپاڳاري جي شديد ڪمي محسوس ڪئي ويندي، هن چيو ته پير سائين پاڳاري سياست ۾ جنهن بهادري ۽ همٿ سان پنهنجو ڪردار نڀايو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، پير سائين هڪ با اصول ۽ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندڙ سياستدان هو، جيڪو پنهنجي سياسي زندگي ۾ پنهنجي رفيق ساٿين جو محسن ٿي رهيو هو، هن چيو ته پير سائين جي شخصيت سياسي دنيا ۾ هڪ اجگر، بي ڊپي، بردباد، ڏاهي ۽ اعليٰ بصيرت رکندڙ هڪ ڪنگ ميڪر جي حيثيت رکندڙ هو جنهن جو اعتراف سندس مخالف به ڪندا رهيا آهن، آخر ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر عطا فرمائي.