سکر

پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي ڪري سکر بورڊ طرفا 12 جنوري تي ٿيندڙ پرچو 21 جنوري تي ٿيندو

Sukkur Schoolسکر (بيورورپورٽ) حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي تي سکر ۽ ڀرپاس ۾ ڏک ي لهر کڙجي وئي آهي جڏهن ته تعليمي بورڊ سکر سنڌ حڪومت جي اعلان بعد اڄ 12 جنوري تي ٿيندڙ پيپرن کي ملتوي ڪري ڄاڻايل پيپر 21 جنوري تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ان ڏس ۾ اڳوڻي ضلع نائب ناظم عبدالله گهمرو،سياسي سماجي اڳواڻن اقبال آرائين ،محمد حنيف ميمڻ ،شريف سوناري، اقبال ميمڻ ،علامه عبدالستار بروهي ،سروري جماعت ۽ پ پ اڳواڻ سيد مظهر علي شاه ،۽ ٻين گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پير آف بڪار فنڪشنل ليگ ضلعي سکر جي صدر سردار سيد زاهد حسين شاه پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي تي ضلعي سکر ۾ 0 4 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪندي سمورن يونٽ، تعلقن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ تعزيتي ميڙاڪا ۽ قرآن خواني جا پروگرام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، فنڪشنل ليگ ضلعي سکر جو صدر سردار زاهد حسين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي، اسان پنهنجي عظيم محسن اڳواڻ ۽ روحاني رهبر کان محروم ٿي ويا آهيون، هن چيو ته اسان يونس سائين، راجه سائين، علي گوهر سائين سان دلي تعزيت جو پڻ اظهار ڪريون ٿا.ٻئي پاسي سوڳ ۾ ڪنڌرا شهر مڪمل طور بند رهيو،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button