آرٽيڪل

ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت جون اڻپوريون سهولتون ۽ سماجي تنظيمن جو ڪردار

تحرير : ارشاد جوڻيجو / خيرپور ميرس
Health Facitiltiesاڄڪلهه جي دور ۾ صحت معاشري جي هر فرد جو مسئلو بڻيل آهي جيتوڻيڪ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي اولين ذميواري هوندي آهي پر ڪجهه ادارا پنهنجي ذميواري کان غيرجانبداري ڪندي نظراچن ٿا. پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جتي سزا ۽ جزاجو عمل نه هئڻ ڪري هر ماڻهو پنهنجي ذميواري کان پاڻ کي آجوسمجهي ٿو، پاڪستان جي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کان ڪوبه پڇاڳاڇا ڪرڻ وارو نه هئڻ ڪري ادارا ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيا آهن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون من مانيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان ۽ سنڌ کي ڇڏي جيڪڏهن اسان صرف خيرپور ضلعي جي صحت بابت قائم ڪيل سرڪاري ادارن جي ڳالهه ڪيون ته خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ڪنگري، گمبٽ، سوڀوديرو، ٺري ميرواهه، خيرپور، ڪوٽڏجي، فيض گنج ۽ نارو تعلقن جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران قائم ڪيل گورنمنٽ ڊسپينسريون، بنيادي صحت مرڪز، رورل هيلٿ سينٽر، ميٽرنٽي هومز توڙي تعلقه اسپتالن جي حالت ڪنهن ڪٻاڙخاني کان گهٽ نه آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اهي ادارا صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهي ادارا پاڻ بيمار نظر اچي رهيا آهن. جيڪي ادارا پاڻ بيمار هجن اهي عوام کي صحت جون سهولتون ڪهڙيون فراهم ڪري سگهندا. ٻهراڙي وارن صحت جي سرڪاري ادارن ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي ٽيڪنيڪل عملي جي اڪثر کوٽ هوندي آهي ته ٻئي پاسي ڀڳل ٽٽل فرنيچر ۽ دوائن جي کوٽ جي ڪري هاڻي ته ادارن جو الله ئي واهي ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ٻهراڙي وارن صحت مرڪزن ۾ ڪم ڪرڻ بدران سياسي ڀوتارن کان فون آفيسرن کي فون ڪرائي سرڪاري ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون پرائيويٽ ڪلينڪون هلائڻ ۽ سياسي ڀوتارن جي ڊيوٽي ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. اهي ڊاڪٽر ۽ عملو سڄو مهينو ڀلي ڊيوٽي نه ڪن پر هر مهيني جي پهرين تاريخ پگهار وٺڻ ضرور پهچي ويندا آهن. ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ ادارن جي تباهي جو ذميوار اتان جا مقامي ماڻهو به آهن جيڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کان پڇاڻو نه ٿا ڪن. ڪجهه سال اڳ سرڪاري ادارن کي عوام پنهنجا ادارا سمجهندي هئي ۽ انهن جي نگراني اتان جا مقامي ماڻهو پاڻ ڪندا هئا پر هاڻي ڪوبه ماڻهو ڊاڪٽرن کان ائين پڇڻ لاءِ تيار ناهي ته تون ڊيوٽي ڇونه ٿو ڪرين. اتي سرڪار پاران صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارا آبادي کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري هئڻ جي ڪري به اهي عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو سرڪاري اسپتالن بدران پنهنجي علاج لاءِ پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽرن ۽ ڪلينڪن جو رخ ڪن ٿا. جنهن علائقي جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ باشعور هوندا آهن اهي ته ڪٿي نه ڪٿي هڻي هنڌ ڪندا آهن پر اهي غريب ۽ اڻ پڙهيا ماڻهو ڪاڏي وڃن جتي لٽريسي ريٽ سو مان صرف ڏهه پرسنٽيج هجي ۽ نوي سيڪڙو ماڻهن کي پنهنجي حقن بابت ڄاڻ ئي نه هجي، جن جو الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه والي وارث نه هجي اهي ماڻهو ڪهڙي در ٻاڏائين. هڪ اهڙي ئي ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقي کي ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ ۾ هڪ سماجي تنظيم سيوِ دي لائيفِ پاران هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي مسيحا وارو ڪردار ادا ڪيو ويو. سماجي تنظيم سيو دي لائيف پاران خيرپور ضلعي جي گمبٽ واري علائقي يونين ڪائونسل ٻيلهاڙو جي ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ ۾ ليڊ پاڪستان ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن جو افتتاح ڊي ڊي او سوشل ويلفيئر گمبٽ محمد دائود ڀٽوڪيو جڏهن ته ڪيمپ ۾ صحت کاتي خيرپور ۽ آغا خان جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر اصغر ميمڻ، ڊاڪٽر فيروز شاهه، ڊاڪٽر انورالاهي سهتو، ڊاڪٽر مشتاق احمد ڏيرو کان علاوه ٻين ڊاڪٽرن مريضن جو مفت معائنوڪري دوائون پڻ مفت ڏنيون. ٽي هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جڏهن ڪنهن سرڪاري يا سماجي تنظيم پاران صحت جي مسئلن بابت ڪا ڪيمپ لڳائي وئي هئي ۽ اهو منظر به ڏسڻ وٽان هو جڏهن سماجي تنظيم پاران پرائمري اسڪول ۾ لڳايل مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو ٻڌي علائقي جون عورتن مرد معصوم ٻار توڙي سٺ ستر سالن جا پوڙها به عمر جي آخري حصي ۾ نااميدي، مايوسي ۽ بيماري جي بستري کي ڇڏي هڪ نئين اميد سان قطارن جي صورت ۾ ڪيمپ ڏانهن رهيا هئا. سڄو ڏينهن هلندڙ ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن پنج سو کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ڪئي جن ۾ ٽيهه سيڪڙو مريضن ساهه جي تڪليف، مليريا، گيسٽرو، چمڙي جون بيماريون، اکين ۽ ڪنن جا زخم ۽ ڪمزوري بابت شڪايتون ڪيون جڏهن ته ستر سيڪڙو مريضن هيپاٽائٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا هئڻ جون شڪايتون ڪيون. ڪاري ڪامڻ جي وڏي تعداد ڦهلجڻ جو سبب معلوم ڪرڻ تي علائقي واسين ٻڌايو ته سم ۽ ڪلر جي آزار جي ڪري پيئڻ جي پاڻي ۾ سنکيو(آرسينڪ) موجود هئڻ ڪري هيپاٽائٽس جهڙو خطرناڪ مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن ۾ علائقي جا ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ان موقعي تي علائقي جي ماڻهن مايوس چهري۽ نااميدي جو مظاهروڪندي ڪيترائي سوال پڻ پڇيا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هوته ڇا غريب مسڪين ۽ لاچارهئڻ ئي اسانجو ڏوهه آهي؟ ڇا غريبن کي سرڪار پاران ملندڙ صحت جون بنيادي سهولتون آساني سان ملي سگهنديون؟ ڇا چونڊيل نمائنده ووٽ وٺڻ کانپوءِ ٻيهر ٻهراڙي وارن علائقن جي عوام وٽ اچڻ جي زحمت گوارا ڪندا؟ ڇا مايوسي هميشه اسانجو مقدر هوندي؟ انهن سوالن سميت ٻيا ڪيترائي سوال پڇيا. مفت طبي ڪيمپ ۾ يونيسيف پاران پوليو کان بچاء بابت ڳوٺاڻن کي هڪ ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکارڻ سان گڏ يونيسيف جي ڪوآرڊينيٽر سنيل راجا پوليو بابت آگاهي ليڪچر ڏيندي ٻڌايوته پوليو هڪ خطرناڪ وائرس آهي جيڪو اڪثر ڪري ننڍي عمر جي ٻارن کي متاثر ڪري ٿو. پوليو جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اهو ٻار يا ماڻهو سڄي عمر معذوري ۽ م حتاجي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. پوليو جي مرض ۾ مبتلا هڪ مريض پنهنجي چوڌاري پنج ڪلوميٽرن جي ايراضي تائين ٻين ماڻهن کي به متاثر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. سال 2011ع جي دوران سڄي دنيا ۾ پوليو جي مريضن جا 273 ڪيس ٿيا آهن جڏهن ته صرف پاڪستان ۾ پوليو جي مريضن جو تعداد 173 آهي. سنڌ ۾ هلندڙ سال پوليو جا 30 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي پوليو جي مريضن جي هئڻ ڪري بين الاقوامي دنيا پوليو جي مرض کان خوفزده ٿي وئي آهي ۽ اهي حفاظتي ويڪسين جي مد ۾ پاڪستان کي ڪروڙين رپين جي امداد به ڏئي رهيا آهن ته جيئن اهو مرض ٻين ملڪن ڏانهن منتقل نه ٿئي. ڳوٺاڻن کي صلاح ڏني وئي ته پنهنجي معصوم ۽ گلن جهڙن ٻارن کي پوليو جي مرض کان بچائڻ ۾ والدين ۽ سياسي سماجي ماڻهو پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت پاران موڪليل پوليو جي ٽيمن سان سهڪار ڪن ته جيئن پوليو جهڙي مرض کي مات ڏئي سگهجي. ڪيمپ ۾ مليريا ٽيڪنيشن پاران 53 مريضن جي مليريا چڪاس ڪئي وئي جن مان 16 ماڻهن کي مليريا هئڻ جي تصديق ٿي جن کي پڻ موقعي تي ئي دوائون فراهم ڪيون ويون. ڳوٺاڻن کي سندن درن تي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڳوٺاڻن سماجي تنظيم سيو دي لائيف جي انتظاميه جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جلد هيپاٽائٽس کان بچاء بابت به مفتي طبي ڪيمپ لڳائي وڃي. هوڏانهن ڪيمپ جي اختتام کان اڳ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سيوِ دِي لائيفِ جي ڊائريڪٽر غلام حسين جوڻيجو، ڊي ڊي او سوشل ويلفيئر گمبٽ محمد دائود ڀٽو ليڊ پاڪستان خيرپور جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر زاهد ڏهوٽ، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات خيرپور صاحب خان ڀنڊ، سماجي اڳواڻ زين سولنگي، منظوراڄڻ، ڪشور ڪمار، محمد يونس ڀنڊ ۽ ٻين چيوته سماجي خدمت عبادت آهي جتي سرڪاري ادارا عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا اتي علائقي جي سماجي تنظيمن ۽ سرندي وارن تي به فرض ٿو ٿئي ته اهي اڳتي وڌي علائقي جي غريب ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڏکن تڪليفن، دردن ۽ پيڙائن جو دارون بڻجي غريبن جي مدد ڪن. گمبٽ ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ پاڻي ۾ آرسينڪ هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو ڪاري ڪامڻ جهڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جن جي اسڪريننگ ۽ علاج لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن چيوته پهريون ڀيرو سماجي تنظيم پاران گمبٽ تعلقي جي ٻهراڙي واري ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي آهي جنهن مان آسپاس جي ويهن کان وڌيڪ ڳوٺن جي سوين ماڻهن پنهنجي تڪليفن ۽ بيمارين بابت علاج ڪرايو آهي ۽ اسانکي به ماڻهن جي بيمارين جو اندازو ٿي ويو آهي آئنده به حڪومتي ادارن کان نظرانداز ٿيل علائقن جي ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء ڪيمپن جو سلسلو جاري رهندو. سماجي تنظيمن ته پنهنجي وس آهر غريبن جي خدمت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي هاڻي ڏسجي ته انهن مسئلن ۽ بيمارين جي نشاندهي ڪرڻ جي باوجود سرڪاري ادارا ڪهڙو تحرڪ وٺن ٿا ۽ مسئلن ۽ بيمارين جي ڄار ۾ ڦاٿل ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ ۽ انجي آسپاس وارن ڳوٺن جي غريب ماڻهن لاءِ خدمت جو ڪهڙو رستو اختيار ڪن ٿا يا وري هميشه وانگر سستي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ٻڌي ڇڏين ٿا پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ستر سيڪڙو ماڻهو ڪاري ڪامڻ جي مرض ۾ مبتلا ڄاڻايل علائقي ۾ هنگامي بنيادن تي ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي علائقي جي هر فرد جي اسڪريننگ ڪئي وڃي ۽ هيپاٽائٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا ماڻهن جو سرڪاري سطح تي علاج ڪيو وڃي ۽ ان مرض کان بچيل ٽيهه سيڪڙو ماڻهن کي هيپاٽائٽس کان بچاء واري حفاظتي ويڪسين ڪئي وڃي ڇوته صحتمند معاشرو ئي صحتمند پاڪستان جي ضمانت آهي.
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button