ووٽر لسٽون 23 فيبروري تائين هر حال ۾ تيار ٿيڻ کپن، ڪنهن به وقت اليڪشن جو فيصلو ٿي سگهي ٿو: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جعلي ووٽر فهرستن جي حوالي سان ڪيس ۾ ضمني اليڪشن ۾ چونڊيل 23 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي بوگس ووٽن کان پاڪ شفاف لسٽن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن جو مئي تائين مڪمل ڪرڻ جو جواز قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته ووٽر فهرستن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ڏنل مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي، جمهوريت جو بنياد شفاف چونڊن تي منحصر آهي جيڪو شفاف ووٽر فهرستن جي ذريعي ممڪن آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا نيون ووٽر لسٽون مڪمل ڪري 23 فيبروري تائين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪن. خميس ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس طارق پرويز، جسٽس خلجي عارف حسين ۽ جسٽس سرمد جلال عثماني تي ٻڌل 4 رڪني بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي جوائنٽ سيڪريٽري شير افگن پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته ووٽر لسٽن جي تياري جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي پر ان لاءِ مقرر مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته ووٽر فهرستن جو معاملو ان وقت سامهون آيو هو جڏهن بينظير ڀٽو آڪٽوبر 2007ع ۾ ان حوالي سان پٽيشن داخل ڪئي هئي تڏهن کان ايستائين اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندي رهي؟ چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اوهان کي کاڌو پليٽ ۾ رکي پيش ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته فهرستن جي تياري جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي. جسٽس خلجي عارف حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ ووٽر لسٽون تيار هجڻ گهرجن. ڪنهن به وقت اليڪشن جو فيصلو ٿي سگهي ٿو. درخواستگذار عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مئي تائين ووٽر لسٽون مڪمل ٿي سگهيون ٿي ان کان پهرين ممڪن ناهي. چيف جسٽس چيو ته آڪٽوبر 2007ع کان اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندي رهي. ان وٽ مهينو آهي، افرادي قوت به آهي، پوءِ فهرستون ڇو تيار ٿي نه سگهيون آهن. جيڪڏهن مقرر مدي تائين فهرستون مڪمل نه ٿيون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. اليڪشن ڪميشن طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته نادرا طرفان ڊيٽا ڏيڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن کي چيو ته 23 فيبروري تائين فهرستون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جنهن تي عمل ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي اسان وڌيڪ مهلت نه ٿا ڏئي سگهون. اليڪشن ڪميشن جا ذميوار پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪن،نادرا جي جنرل مئنيجر عدالت کي ٻڌايو ته ووٽن جي تصديق جو جامع نظام ترتيب ڏنو ويو آهي. اسان عدالتي حڪمن تي عمل ڪنداسين. چيف جسٽس چيو ته نادرا بهتر ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻيا ڪم روڪي ڇڏيا آهن. چيف جسٽس چيو ته جيڪي ماڻهو ووٽر فهرستن جي تياري ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن انهن تي واضح ڪري ڇڏيو ته اهو عدالتي حڪم آهي جنهن تي هر صورت ۾ عمل ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ تسلي جوڳي ناهي، آئين تحت فهرستن جي سالياني بنيادن تي تياري هن جي بنيادي ذميواري آهي. عدالت جي پڇا تي حامد خان ٻڌايو ته 27 ميمبر ضمني چونڊن ذريعي منتخب ٿيا جن ۾ سينيٽ جا 3، قومي اسيمبلي جا 9 ۽ خيبر پختون خواه جا 2، سنڌ جا 9 ۽ بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر شامل آهن. قومي اسيمبلي ميمبر جمشيد دستي ٻڌايو ته سندس تڪ ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ لاءِ چونڊ عمل 18 هين ترميم کان پهرين مڪمل ٿيو هو. مون رڪنيت ناهي ڇڏي. جسٽس خلجي عارف چيو ته غلطي ٿي آهي پوءِ چونڊيل نمائندن پنهنجي چونڊ جائز قرار ڏيڻ لاءِ ڪو قدم ڇو نه کنيو.ڪيس جي شنوائي 19 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.